اسلام آباد – 13 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ سول ??رو?? ٽيڪنالاجي جي فروغ، ترقي ۽ ان اهم شعبي کي ريگيوليٽ ڪرڻ جي لاءِ ??رو?? اٿارٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، سول ??رو?? اٿارٽي وٽ ??رو?? ٽيڪنالاجي کي ريگيوليٽ ڪرڻ، لائيسنس جاري ڪرڻ، امپورٽ ۽ ملڪ ۾ پيداوار جي اجازت ڏيڻ جا اختيار هوندا، اٿارٽي ??رو??ز جي مينوفيڪچرنگ، آپريشنز، ٽريننگ ۽ ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ جي حوالي سان ذميواريون س??ان??ام ڏيندي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب اٿارٽي کي ڏنڊ ۽ سزا، لائيسنسن کي ملتوي ڪرڻ ۽ قانوني چاره جوئي جا اختيار پڻ حاصل هوندا. ايوي ايشن ڊويزن جو سيڪريٽري اٿارٽي جو سربراهه هوندو. ٻين ميمبرن ۾ ايئر فورس، سول ايوي ايشن، دفاعي پيداوار، گهرو معاملن ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جا سينيئر ليول آفيسر شامل هوندا. سمورين وفاقي ڌرين ??شمول آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان مان به هڪ هڪ نمائندو شامل هوندو. ان کانسواءِ ??عبي جا ٽي ماهر پڻ اٿارٽي جو حصو هوندا. اٿارٽي ۾ سمورين ڌرين ??ي شموليت اٿارٽي جا فرض س??ان??ام ڏيڻ ۽ ادارن جي وچ ۾ بهترين ڪوآرڊينيشن ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ??رو?? ٽيڪنالاجي کي ڪمرشل، ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ، ايگريڪلچر ۽ ٻين پرامن مقصدن جي لاءِ ??ستعمال ۾ آڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته اٿارٽي قائم ڪرڻ سان نه رڳو ان حوالي سان موجود خال کي ڀري سگهبو جيڪو ??رو?? جي حوالي سان ڪو قانون نه هجڻ جي ڪري موجود آهي پر هي اٿارٽي ??رو?? ٽيڪنالاجي جي فروغ ۽ ان جي ملڪ ۾ پيداوار ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندي، ??رو?? ٽيڪنالاجي جي موثر استعمال سان وسيلن جو موثر استعمال ۽ سروس ڊيليوري ۾ بهتري ۾ مدد ملندي.