اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته آ??مشماري جي بنيادي فريم ورڪ تي 6 کان 8 هفتن ۾ ڪم مڪمل ٿي ويندو ۽ سيپٽمبر يا آڪٽوبر ۾ نئين آد??شماري جو عمل شروع ٿي ويندو، نئين آد??شماري جو عمل مارچ 2023ع تائين مڪمل ڪيو ويندو، آد??شماري اليڪشن جو بنياد بڻجندي آهي ۽ 2023ع اليڪشن نئين آد??شماري موجب نه ٿي ته ننڍن صوبن جي نمائندگي گهٽ ٿي ويندي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته آ??مشماري جي حوالي سان ڪابينا جي ڪميٽي پڻ ٺاهي وئي ۽ ان ان حوالي سان پنهنجون ??فارشون ??ه جوڙيون. هن چيو ته آ??مشماري اليڪشن جو بنياد بڻجندي آهي ۽ تازي تڪبندين جي بنياد تي تڪبنديون ڪيون وڃن ٿيون ۽ انهي جي بنياد تي اليڪشن ڪر??يون وڃن ٿيون ??ڏهن ته 2018ع جي اليڪشن کي خاص آئيني ترميم ذريعي خصوصي ڇوٽ ڏني وئي هئي. هن چيو ته ضمني چونڊون پراڻي تڪبندين ۽ آد??شماري سان ٿي سگهن ٿيون پر مقامي حڪومتن جون چونڊون نئين آد??شماري جي بنياد تي ئي ٿينديون ۽ ان ۾ عدليه جي به تمام گهڻي دلچسپي آهي. وفاقي وزير چيو ته 2023ع اليڪشن کان اڳ آد??شماري تي حتمي فيصلو نه ٿيو ته آ??يني ترميم جي ڇوٽ ختم ٿيڻ سبب ايندڙ اليڪشن 1998ع جي ئي آد??شماري جي بنياد تي ٿينديون ??نهن جي نتيجي ۾ ٽنهي ننڍن صوبن جي اسيمبلي ۾ نمائندگي گهٽ ٿي ويندي ۽ پنجاب جي نمائندگي وڌي ويندي.