گلگت – 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گلگ?? بلتستان ۾ سي??حت جا بي پناهه موقعا موجود آهن جنهن مان وڏو پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيندو ۽ معيشت مستحڪم ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي ڏينهن گلگ?? بلتستان جي دوري دوران گلگ?? بلتستان جي وڏي وزير پاران سي??حت جي فروغ ۽ ان حوالي سان کنيل قدمن جي باري ۾ ڏنل بريفنگ جي موقعي تي ڪيو. وزيراعظم عمران خان کي اسپيشل ڪميونيڪيشن آرگنائيزيشن (ايس سي او) جي ڊائريڪٽر جنرل پاران به بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ايس سي او جي انتظام هيٺ منصوبن جو افتتاح ڪيو جنهن ۾ سي پيڪ خنجراب کان راولپنڊي آپٽڪ فائبر ڪيبل جو پهريون مرحلو، گلگ?? بلتستان جي 39 جاين تي گهرن تائين آپٽڪ فائبر تار جي پهچ، ايس سي او جي سهڪار سان قراقرم يونيورس??ي ۾ انڪيوبيشن سينٽر جو قيام، مشهور ڪوه پيما مرحوم علي سد پاره جي ياد ۾ K – 2 بيس ڪيمپ تي جديد ٽرانسيور اسٽيشن جو قيام ۽ گلگ?? بلتستان جي ڏورانهن علائقن ۾ رابطي لاءِ VSAT حب جو قيام شامل آهن. وزيراعظم آپٽڪ فائبر ڪيبل جي ٻي مرحلي ۽ هنزه ۾ سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪ جي قيام جو سنگ بنياد به رکيو. وزيراعظم کي احساس پروگرام تحت گلگ?? بلتستان ۾ جاري امدادي منصوبن ۽ مستقبل جي لاءِ منصوبابندي تي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هن وقت گلگ?? بلتستان جي 3 ضلعن ۾ احساس نشو نما مرڪز قائم ٿي چڪا آهن، گلگ?? بلتستان جي س??ور?? ضلعن ۾ احساس جي ??را??مري تعليمي وظيفن سان گڏوگڏ ثانوي تعليمي وظيفن جو پروگرام به شروع ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي ٻڌايو ته احساس جي ثانوي تعليمي ۽ وظيفن جو آغاز هلندڙ سال جولاءِ کان ٿيندو، پهرين مرحلي ۾ احساس هڪ عورت هڪ اڪائونٽ قدم جو آغاز ملڪ جي س??ور?? صوبن جي 13 ضلعن ۾ ڪيو پيو وڃي، احساس هڪ عورت هڪ اڪائونٽ تحت هر ڪفالت صارف کي بچت بئنڪ اڪائونٽ فراهم ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم ان موقعي تي سڄي گلگ?? بلتستان ۾ سي??حت جي فروغ ۽ ان حوالي سان کنيل قدمن جي باري ۾ بريف ڪيو، وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته گلگ?? بلتستان ۾ سي??حت جي فروغ جا ڀرپور موقعا موجود آهن جنهن مان وڏو پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيندو مقامي معيشت مستحڪم ٿيندي.