اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڪيپٽن محمد سرور ش??يد کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ڪيپٽن سرور ش??يد جو نه ٽٽندڙ حوصلو ۽ وفاداري سدائين جي لاءِ ع??م ۽ همت جو مثال رهندي. ڪيپٽن محمد سرور ش??يد جي 73 هين شهادت جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته مادر وطن ۽ ڪشمير لاءِ سندس قرباني اسان جي ان عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿي ته اسان کي پنهنجي ملڪ جي هر قيمت تي حفاظت ڪرڻي آهي. هن چيو ته قوم، ملڪ جي خاطر جان جو نذرانو پيش ڪندڙ شه??دن کي سدائين ياد رکندي. ڪيپٽن راجا محمد سرور ش??يد جي بهادري ۽ شجاعت نوجوانن ۾ جوش ۽ جذبو پيدا ڪندي رهندي، هن چيو ته ملڪ جي خاطر پنهنجي جان جي قرباني ڏيندڙ ڪيپٽن سرور ش??يد بهادري جو روش?? مثال آهي، قوم 1948ع جي ڪشمير جنگ ۾ بهادري، شجاعت جي داستان رقم ڪندڙ شهيد ڪيپٽن محمد سرور کي خراج عقيدت پيش ڪندي رهندي.