اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو آهي ته صحافين ميڊيا ورڪرز جي پگهارن، نوڪرين جي تحفظ، فيڪ نيوز ۽ ويج بورڊ کان هڪ انچ به پوئتي نه هٽنداسين، صحافت جي آزادي ڪنهن جي منافعي ڪمائڻ يا ڪنهن جي تحفظ جو نالو نه آهي، قانون اهو هوندو آهي جيڪو ايڪٽ پارليامينٽ هجي يا آرڊيننس جي ذريعي اچي، پي ايم ڊي اي فريم روڪ اڃان مشاورت جي عمل ۾ آهي. هو سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽي??ڊن?? ڪميٽي جي اجلاس ۾ بريفنگ ڏئي رهيو هو. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرمين فيصل جاويد ڪئي. مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو ته صحافين جي تحفظ جو بل قومي اسيمبلي جي انساني حقن ??ابت اسٽي??ڊن?? ڪميتي ۾ ٽن مهينن کان رڪيل آهي، 18 هين ترميم کانپوءِ امن امان جو معاملو صوبائي آهي، عزيز ميمڻ، اجي لالواڻي جي ڪيسن ۾ ڇا ٿيو؟ هن چيو ته ميڊيا کي اشتهارن جي مد ۾ هڪ ارب 70 ڪروڙ جي ادائيگي ڪئي وئي آه??، هن چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اسٽي??ڊن?? ڪميٽين ۾ اسٽيڪ هولڊرز پيمرا، آءِ ٽي اين اي، پريس ڪائونسل کي مضبوط بڻائڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، پي ايم ڊي اي ۾ اهو سڀ ڪجهه موجود آهي، اجلاس ۾ پي بي اي، اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پي ايف يو جي ۽ صحافتي تنظيمن جي عهديدارن پي ايم ڊي اي بابت تجويزون پيش ڪيون.