اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم يوٿ انٽرپرينورشپ اسڪيم مان فائدو کڻڻ لاءِ سڄي ملڪ خاص طور تي گلگت بلتستا?? ۽ ??زاد ڄمون ۽ ڪشمير جي نو??وانن کي رهنمائي ۽ سهولت فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نو??وانن کي مالي طور تي بااختيار بنائڻ لاءِ وزيراعظم جي ڪامياب جوان پروگرام زبردست معاشي موقعا فراهم ڪيا آهن، نو??وانن جو پنهنجو ڪاربار شروع ڪرڻ جي لاءِ آسان قرضن جي سهولت مان فائدو کڻڻ گهرجي، اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي نو??وانن کي قرض حاص ڪرڻ ۾ درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ وزيراعظم جي نو??وانن جي معاملن واري خاص مددگار محمد عثمان ڊار ۽ بئنڪ آف پنجاب جي صدر ظفر مسعود شرڪت ڪئي جڏهن ته وزيراعظم آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سردار عبدالقيوم نيازي، گلگت بلتستان خالد خورشيد خان ۽ لاڳاپيل بئنڪن جي سربراهن وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. ان موقعي تي خاص مددگار عثمان ڊار اجلاس کي يوٿ انٽر پرينيورشپ اسڪيم تحت ڏنل قرضن جي باري ۾ ٻڌايو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نو??وانن ۾ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ 26.2 ارب روپين جي منظور ٿيل قرضن مان 19.1 ارب روپيا ورهايا ويا آهن، هن وڌيڪ ٻڌايو ته يوٿ انٽرپرينيورشپ اسڪيم مختلف شعبن ۾ 30000 کان وڌيڪ نوڪريون پيدا ڪيون آهن، خاص مددگار مختلف بئنڪن جي پاران ڏنل رقم جا تفصيل ٻڌايا جنهن ۾ بئنڪ آف پنجاب، جي ايس بئنڪ لم??ٽيڊ، نيشنل بئنڪ آف پاڪستان، بئنڪ الفلاح لم??ٽيڊ ۽ حبيب بئنڪ لم??ٽيڊ شامل آهن جنهن نو??وانن ۾ ترتيبوار 4.8 ارب روپيا، 3.5 ارب روپيا، 2.4 ارب روپيا، 1.7 ارب روپيا ۽ 1.6 ارب روپين جا قرض جاري ڪيا، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ۽ گلگت بلتستان جي وڏي وزير وزيراعظم يوٿ انٽرپرينيور اسڪيم تحت قرض حاصل ڪرڻ ۾ نو??وانن جي درپيش مسئلن تي روشني وڌي. اجلاس ۾ نو??وانن جي قرضن جي اسڪيم مان فائدو کڻڻ لاءِ آگاهي ۽ رهنمائي فراهم ڪرڻ لاءِ مختلف قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، صدر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي حڪومتن کي مشورو ڏنو ويو ته هو پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ سهولتن جا مرڪز قائم ڪن ته جيئن نو??وانن کي قرض حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي. هن ميڊيا ۽ مقامي سياسي اڳواڻن جي شموليت سان نو??وانن ۾ بيداري پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو، صدر پنجن بئنڪن جي سربراهن کي چيو ته هو نو??وانن کي قرض حاصل ڪرڻ ۾ رهنمائي لاءِ سهولت ڊيسڪ قائم ڪن، اجلاس ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۾ قرضن جي ورڇ جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائ??و وٺڻ لاءِ ماهوار اجلاس منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.