اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪاروبار ۽ صنعت ۾ جدت آڻڻ جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نجي شعبو معيشت جي ترقي سان گڏوگڏ روزگار جي فراهمي ۾ پڻ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، حڪومت نوجوانن ۽ عورتن کي ڪاروبار شروع ڪرڻ ۾ سهولت ڏيڻ جي لاءِ آسان قرضن جو انتظام ڪيو آهي جنهن جي لاءِ انهن جي رهنمائي ڪرڻ گهرجي، ملڪ جا وڏا معاشي اشاريا بهتر ٿيا آهن، روانگي واپار ۾ اضافي جي ضرورت آهي. هو ايوان ??در ۾ گوجرانوالا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اهتمام هيٺ هيروز آف گوجرانوالا ايوارڊز تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي گوجرانوالا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر عمر اشرف معل پڻ تقريب کي خطاب ڪيو. تقريب ۾ غيرملڪي سفارتڪارن، گوجرانوالا چيمبر جي ميمبرن، سرندي وارن ۽ ٻين نمايان ??خصيتن شرڪت ڪئي. صدر گوجرانوالا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي واپار ۽ ڪاروبار سان گڏوگڏ فلاحي ڪمن کي س??را??يندي چيو ته پاڪستاني قوم صدقو ۽ خيرات ڪرڻ جي حوالي سان ??ي مثال آهي، ملڪ ۾ انهي جذبي سان ٽيڪس چوري ۽ بدديانتي جهڙين بر??ين کي روڪڻ جي ضرورت آهي. هن ملڪي روانگي واپار جي فروغ لاءِ مصنوعات جي ويليو ايڊيشن تي زور ڏيندي چيو ته ڪاروبار ۽ صنعت ۾ جديديت تي سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي، ان ??والي سان ??نفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ اڻڻ سان پاڻ پنهنجو فائدو ٿيندو. صدر چيو ته ڪومت ڪامياب جوان پروگرام تحت نوجوانن کي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ جي لاءِ آسان قرضن جي سهولت لاءِ هڪ سئو ارب رپيا رکيا آهن. اهڙي طرح عورتن جي لاءِ پڻ آسان قرضن جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي جڏهن ته انهن سهولتن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ انهن کي رهنمائي جي ضرورت آهي، ان ??والي سان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته خصوصي ماڻهو پڻ ذهني صلاحيتن جي لحاظ کان ڪنهن کان گهٽ نه آهن، انهن جي مناسب تعليم ۽ تربيت سان گڏ حوصلا افزائي ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇو ته معاشري جي سمورن طبقن جي شموليت کانسواءِ گڏيل ترقي ممڪن نه آهي. هن چيو ته پاڪستان ??هترين حڪمت عملي سان ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب رهيو، ان مشڪل وقت ۾ معاشري جي ڪمزور طبقن جي لاءِ همدردي جو احساس ان ??ڪمت عملي جو اهم جز رهيو آهي. هن چيو ته گذريل 4 ڏهاڪن کان پاڪستان پ??را?? لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني پوري دنيا جي لاءِ مثال آهي. ان کان ??ڳ گوجرانوالا چيمبرآف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر عمر اشرف مغل تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته تقريب جو مقصد گوجرانوالا جي هيروز کي س??را??ڻ آهي. هن چيو ته گوجرانوالا پاڪستان ??ي روانگي واپار ۽ ترقي ۾ نمايان ??دا ڪري رهيو آهي. هن ڪاروباري بر??دري سان مسلسل رابطو رکڻ ۽ مشاورت تي حڪومت کي س??را??يو. تقريب ۾ گوجرانوالا جي تعمير ۽ ترقي ۽ ڀلائي جي لاءِ مختلف شعبن ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيتن ۾ ايوارڊز ورهايا ويا.