اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) پر??يهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ڪينيا سان گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي اقتصادي، ??اپاري ۽ دفاعي تعاون جي فروغ لاءِ پرعزم آهي. پر??يهي آفيس جي ترجمان موجب پر??يهي وزير ڪينيا جي هم منصب ريچل اومامو سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، ٻنهي پر??يهي وزيرن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، واپاري ۽ اقتصادي تعاون، افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پر??يهي وزير چيو ته پاڪستان ڪينيا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. انگيج آفريقا پاليسي اسان جي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، ??ن چيو ته پاڪستان ڪينيا سان گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي اقتصادي واپاري دفاعي تعاون جي فروغ لاءِ پرعزم آهي، پر??يهي وزير آڪٽوبر مهيني لاءِ سيڪيورٽي ڪائونسل جي صدارت جو منصب سنڀالڻ تي ڪينيا جي پر??يهي وزير کي مبارڪباد پيش ڪئي، ??نهي پر??يهي وزيرن جي وچ ۾ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، شاهه محمود قريشي چيو ته ويجهي پاڙيسري هجڻ جي ناطي افغانستان ۾ اڀرندڙ انساني ۽ معاشي بحران تي گهري ڳڻتي آهي، جيڪڏهن افغانستان ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ته افغان پناهگيرن جي يلغار سميت ڪيترائي مسئلا درپيش ايندا، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عالمي برادري افغانين کي انساني ۽ معاشي مدد جي فراهمي لاءِ ٺوس قدم کڻي، پر??ييه وزير ڪينين هم منصب کي نيزوبي ۾ موجود، سعودي عرب وڃڻ جي من??ظر پاڪستانين جي فوري مدد جي درخواست ڪئ??، ڪينين پر??يهي وزير ريچل اومامو نيروبي ۾ سعودي عرب وڃڻ جي من??ظر پاڪستانين کي جلد سعودي عرب موڪلڻ لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.