اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڀا??ت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جعلي مقابلن ۽ نام نهاد ”ڪريڪ ڊائون ۽ گهر گهر تلاشي“ ڪاررواين جي ڀا??تي رياستي دهشتگردي ۽ بي پناهه ڪشميرين جو عدال?? کان مٿانهون قتل جي شديد مذمت ڪئي آهي ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو والاريل ڪشمير ۾ بي گناهه ڪشميرين جي عدال?? کان مٿانهين قتل ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي لاءِ ڀا??ت کي جوابده بڻائڻ ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن ۽ پائيدار حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڀا??ت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀا??تي فورسز پاران عدال?? کان مٿانهين قتل جي شديد مذمت ڪندي چيو ته ڀا??ت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٻن مهينن کان وڌيڪ عرصي ۾ ڀا??تي قابض فوج 35 بي گناهه ڪشميرين کي شهيد ڪيو جڏهن ته سرينگر ۾ 24 نومبر تي هڪ جعلي مقابلي ۾ وڌيڪ ٽن ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو آهي، ترجمان چيو ته ڀا??تي قابض فوج ڪشميرين جي خلاف سنگين ڏوهن جو ارتڪاب ڪري رهي آهي جنهن ۾ جبري گمشدگيون، ٽارگيٽ ۽ عدال?? کان مٿانهون قتل ۽ آبادي کي اجتماعي سزائون ڏيڻ شامل آهي. والاريل ڪشمير ۾ بي شرمي سان جاري ڀا??تي رياستي دهشتگردي ۽ وحشياڻي طاقت جي استعمال سان ڪشميري عوام کي پنهنجي خودمختياري جي نڇڏ حق لاءِ جدوجهد کان روڪي نٿا سگهن. ترجمان چيو ته هن سال سيپتمبر ۾ پاڪستان پاران ڀا??ت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀا??تي قابض فوج پاران انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن جي ناقابل ترديد ثبوتن بابت جامع ڊوزيئر عالمي برادري کي پيش ڪيو ويو آهي، پاڪستان عالمي برادري کي مطالبو ڪيو آهي ته هو ڀا??ت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ معصوم ڪشميرين جي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين لاءِ ڀا??ت کي جوابده بڻائي، والاريل علائ??ي ۾ بگڙجندڙ صورتحال خطي ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهي، پاڪستان عالمي برادري تي به زور ڏنو ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن ۽ پائيدار حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.