اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف ٽيليفون ڪيو ۽ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن تي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??ان جاري بيان موجب وزيراعظم گڏيل هدفن ۽ مقصدن کي ح??صل ڪرڻ لاءِ مختلف شعبن ۾ مڪمل صلاحيت ??ان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم چي?? ته ترجيحي واپاري معاهدي جي جلد تڪميل جي ذريعي ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، وزيراعظم عمران خان اميد ظاهر ڪئي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سان علائقائي خوشحالي لاءِ رابطي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. هن ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي وقت سر پڄاڻي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ازبڪ صدر وزيراعظم پاران پاڪستان جي دوري جي د??وت قبول ڪري ورتي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن سميت مختلف شعبن ۾ موجوده ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ حاصل ٿيندو.