اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آ??ي ته القادر يونيورسٽي جو قيام وزيراعظم عم??ان خان جو جهلم جي عوام جي لاءِ هڪ ٻيو تحفو آ??ي، اها يونيورسٽي سوشل سائنسز ۾ نئين جهت جو اضافو ڪندي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته القادر يونيورسٽي هڪ اهڙي عالمي درسگاهه بڻجندي جنهن ۾ تصور، اسلام ۽ سائنس جي علم جا اسڪالرز پيدا ٿيندا. وزيراعظم آفيس جي ٽوئيٽ موجب وزيراعظم عم??ان خان اڄ سومر ڏينهن القادر يونيورسٽي جي اڪيڊمڪ بلاڪس جو افتتاح ڪندو. اسلامي ت??ليم، تصور ۽ جديد سائنسي ت??قيقي تي ٻڌل القادر يونيورسٽي نو??وان نسل ۾ علم ۽ تحقيق جي فروغ کانسواءِ انهن جي ڪردارسازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.