اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيد?? کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته اچو ته گڏجي وچن ڪريون ته پوري قوم متحد ٿي فرقيواراڻي، مذهبي ۽ نس??ي تعصب پکيڙيندڙن، نفرت پکيڙيندڙن ۽ پنهنجي ناپاڪ سياسي مقصد?? کي پورو ڪرڻ لاءِ اهڙا حربا اختيار ڪندڙن جي خلاف ايئن ئي بيٺل رهندي ?? پنهنجي صفن ۾ موجود انهن عنصرن جي نشاندهي ڪري ان جي ازالي ۾ رياست جو ساٿ ڏيندي، آئون اڄ پوري قوم کي اهو يقين ڏياريان ٿو ته دشمن پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نٿو ڪري سگهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کي 7 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ جو ڏينهن پوري پاڪستاني قوم کي ان دردناڪ سانحي جي ياد ڏياري ٿو جڏهن بزدل شرپسند عنصرن اسان جي قوم جي مستقبل، هٿين خالي معصوم ٻارن تي حملو ڪري کين شهيد ڪيو، اڄوڪو ڏينهن آرمي پبلڪ اسڪول جي انهن بهادر استادن جي ياد ڏياري ٿو جيڪي پنهنجي شاگردن جي حفاظت لاءِ دشمن جي سامهون شيهي جي ديوار وانگر بيٺا ۽ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو. وقت ٿابت ڪيو آهي ته بي شڪ دهشتگردي جو ڪو مذهب يا قوم ناهي هوندي، ان جي پويان اها بزدلاڻي سوچ هوندي آهي جيڪا پنهنجي ناپاڪ سياسي مقصد?? کي پورو ڪرڻ لاءِ هٿين خالي معصوم ٻار?? کي به استعمال ڪري سگهي ٿي، آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جون قربانيون رائيگان نه ڏينديون، ان سانحي کانپوءِ بهادر پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور ٿيڻ بدران دهشتگردي جي خلاف وڌيڪ بلند ٿيا. پوري قوم متحد ٿي ۽ اسان نيشنل ايڪشن پلان تحت دشمن?? کي انهن جي ٺڪاڻن ۾ ڳولي ڳولي نشانو بڻايو. وزيراعظم چيو ته آئون اڄ پوري قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته دشمن پاڪساتني قوم جي حوصل?? کي ڪڏهن ڪمزور نٿو ڪري سگهي.پاڪستان قوم جي عزم، حوصلي ۽ همت کي شرپسند عنصرن جڏهن ته ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، انه?? کي منهن جي کائڻي پئي، اڄوڪي ڏينهن اچو گڏجي وچن ڪريون ته پوري قوم متحد ٿي فرقيواراڻي، مذهبي، نس??ي تعصب پکڙيندڙن، نفرت پکيڙيندڙن ۽ پنهنجي ناپاڪ سياسي مقصد?? کي پورو ڪرڻ لاءِ اهڙا حربا اختيار ڪندڙن جي خلاف ايئن ئي بيٺل رهندي ?? پنهنجي صفن ۾ موجود انهن عنصرن جي نشاندهي ڪري ان جي ازالي ۾ رياست جو ساٿ ڏيندي. وزيراعظم آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جي بلند درجن ۽ سندن وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي، وزيراعظم چيو ته قائداعظم جو فرمان آهي ته دنيا ۾ اهڙي ڪا به طاقت نه آهي جيڪا پاڪستا?? کي نقصان پهچائي سگهي.