اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سيالڪوٽ سانحي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ان واقعي جي ذميدارين کي جلد کان جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا ويا آهن، موسمياتي تبديلي، تعليم، غربت جي خاتمي، توانائي ۽ صحت جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ سا??ڪ ملڪن ۾ تعاون مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، سا??ڪ جي سيڪ??يٽ??ي جنرل ايسا لاروان ويراڪون وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان جي دوري تي جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم سا??ڪ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ فروغ ڏيڻ لاءِ سيڪ??يٽ??ي جنرل جي ڪوششن کي سا??اهيو ۽ کيس سا??ڪ جي دائري ڪار تحت علائقائي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ فروغ ڏيڻ لاءِ سيڪ??يٽ??ي جنرل جي ڪوششن کي سا??اهيو ۽ کيس سا??ڪ جي دائري ڪار تحت علائقائي تعاون کيو ڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ حڪومت پاڪستان پاران حمايت جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم سيالڪوٽ واقعي جي سخت مذمت ڪندي پريانٿا ڪمارا جي موت تي تعزيت ڪئي ۽ چيو ته ان قسم جي قدمن جو ڪو به جواز پيش نٿو ڪري سگهجي، شرپسندن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ ضروري قدم کنيا ويا آهن، سا??ڪ چارٽر جي مقصدن ۽ هدفن سان گڏيل طور تي مستفيد ٿيڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم زور ڏنو ته سا??وٿ ايشيا جي عوام جي زندگي جو معيار بدلائڻ لاءِ سا??ڪ اقتصادي بهتري لاءِ هڪ سا??گار ۽ فائديمند ماحول فراهم ڪري سگهي ٿو، وزيراعظم ان موقعي تي زور ڏنو ته گڏيل مفادن خاص طور تي ماحولياتي تبديلي، تعليم، غربت جي خاتمي، توانائي جي انضمام ۽ صحت جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تعاون وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ضرورت آهي، وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته سا??ڪ سربراهه ڪانفرنس جي ميزباني ۾ ايندڙ مصنوعي رڪاوٽن جي خاتمي تي ان جو انعقاد پاڪستان ۾ ٿيندو، سيڪ??يٽ??ي جنرل وزيراعظم جو سا??ڪ بابت مسئلن تي رهنمائي تي ٿورو ادا ڪندي کيس يقين ڏياريو ته سا??ڪ ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين جيڪو ڏکڻ ايشيا جي خطي جي سمورن ملڪن جي مفاد ۾ آهي.