اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي س??ن وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ جي چيئرمين اعجاز احمد قريشي کي وفاقي محتسب جون ??ميداريون ??نڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين ان اميد جو اظهار ڪيو ته وفاقي محتسب پنهنجي تجربن ۽ بهترين حڪمت عملي س??ن فوري ۽ سستي انصاف جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، هن چيو ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سستو ۽ فوري انصاف جي فراهمي اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، عام ماڻهو جي مسئلن جو فوري ??ل ڪنهن به حڪومت جي اولين ترجيح هوندو آهي، عوام مسئلن جي حل لاءِ محتسب جهڙي بهترين اداري س??ن رجوع ڪن. هن چيو ته ف??ري ۽ سستي انصاف جي فراهمي ۾ وفاقي محتسب جو ڪردار مثالي رهيو آهي، عوام کي س??تو ۽ فوري انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ ۽ خاص طور تي سينيٽ موثر قانونسازي ڪئي آهي، فوري ۽ سستي انصاف جي فراهمي لاءِ قدم کڻي پوئتي پيل طبقن کي ترقي جي مرڪزي ڌارا ۾ آڻي سگهجي ٿو. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته عوامي شڪايتن جي موثر حل لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪيو وڃي، وفاقي محتسب پاران مسئلن جي حل ۽ فوري انصاف جي فراهمي لاءِ کنيل قدم واکاڻ جوڳا آهن. وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي س??ن سندس ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو، ملاقات دوران سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر سيد شبلي فراز به موجود هو.