اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ صو??اليه جي وچ ۾ واپار ۽ معيشت سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن ??عبن ۾ لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان جي ”لُڪ آفريقه پاليسي“ سان سمورن ??فريقي ملڪن سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ صو??اليه جي عهدو ڇڏيندڙ سفير خديجه المخزومي سان الوداعي ??لاقات دوران ڪيو. صدر او آءِ سي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ??ي ڪائونسل جي اجلاسن ۾ شرڪت تي صو??اليه جو ٿورو ادا ڪيو، صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏنو، صدر صو??الي پارليامينٽرينز کي پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارلياماني سروسز پاران پارلياماني خدمتن جي پروگرام مان مستفيد ٿيڻ جي دعوت ڏني، صدر چيو ته صو??الي شاگردن جو هڪ وڏو تعداد پهرين ئي پاڪستاني تعليمي ادارن ۾ تعليم پرائي رهيو آهي، پاڪستان ڪافي تعداد ۾ صو??الي پناهگيرن ??ي ميزباني ڪري رهيو آهي ۽ ان جي پنهنجي گهرن ۾ محفوظ واپسي جو خواهشمند آهي. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ تي سفير جي خدمتن کي سارا??يو.