لاهور – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪ??مت صحافت جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي ڪنهن به قسم جي پابندي لڳائڻ جو ارادو نه ٿي رکي، پيڪا آرڊيننس سميت ٻين سمورن قانونن تحت صحافين جي خلاف بنا ڪنهن سبب جي ڪاررواين تي ??ر ممڪن تحفظ ڏنو ويندو، پيڪا آرڊيننس جو جائزو وٺڻ جو ڪم اڳ ۾ ئي قانون واري وزارت کي ڏنو ويو آهي، حڪ??مت صحافين جي حقن جي تحفظ ۽ ملڪ ۾ ذميواراڻي صحافت جي فروغ لاءِ سي پي اين اي سميت صحافين جي ٻين نمائنده ادارن سان گڏجي تعميري ڪم ڪرڻ جي خواهشمند آهي، حڪ??مت بجلي جي پيداوار ۽ ان جي فراهمي ۽ پهچ کي ??قيني بڻائڻ جي لاءِ ??ر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. هو لاهور ۾ ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي وفد سان ملاقات جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، سيڪريٽري انفارميشن شاهيره شاهد، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن ۽ ٻيا عملدار شامل هئا. وفد ۾ سي پي اين اي جو صدر ڪاظم خان، سينيئر نائب صدر اياز خان، نائب صدر پنجاب ارشاد احمد عارف، سيڪريٽري جنرل عامر محمود ۽ ٻيا ميمبر شامل هئا. وزيراعظم آفيس پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم شهباز شريف ان عزم کي ??رجايو ته حڪ??مت صحافت جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي ڪنهن به قسم جي پابندي لڳائڻ جو ارادو نه ٿي رکي، وزيراعظم ان ڳالهه جي پڻ خاطري ڪرائي ته پيڪا آرڊيننس سميت ٻين سمورن قانونن تحت صحافين جي خلاف بنا ڪنهن سبب جي ڪاررواين تي ??ر ممڪن تحفظ ڏنو ويندو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پيڪا آرڊيننس جو جائزو وٺڻ جو ڪم اڳ ۾ ئي قانون واري وزارت کي ڏنو ويو آهي. وزيراعظم صحافت جي آزادي، جمهوريت جي بقاءَ ۽ جمهروي ادارن جي ارتقا ۾ سي پي اين اي جي بطور اداري مثبت ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته حڪ??مت صحافين جي حقن جي تحفظ ۽ ملڪ ۾ ذميواراڻي صحافت جي فروغ لاءِ سي پي اين اي سميت صحافين جي ٻين نمائنده ادارن سان گڏجي تعميري ڪم ڪرڻ جي خواهشمند آهي. هن چيو ته حڪ??مت بجلي جي پيداوار ۽ ان جي فراهمي ۽ پهچ کي ??قيني بڻائڻ جي لاءِ ??ر ممڪن قدم کڻي رهي آهي ته جيئن عوام جي تڪليف جو ازالو ڪري سگهجي، گذريل حڪ??مت چار سال ۾ قوم تي قرضن جو بار ٻيڻو ڪري ڇڏيو جنهن جي ڪري غريب جي زندگي وڌيڪ مشڪل ٿي وئي، حڪ??مت غريب ماڻهو جي زندگي جي بنيادي ضرورتن اٽي، علاج ۽ دوائن جي گهٽ اگهن تي دستيابي کي ??قيني بڻائڻ جي لاءِ هر دم ڪوششن ۾ آهي، غريب ۽ لاچار ۽ حقدار طبقن جي مفت علاج جي لاءِ پي ڪي ايل آئي جهڙن ادارن تي گذريل حڪ??مت ۾ غفلت ۽ حقدار طبقن جي مفت علاج جي لاءِ ڪي خصوصي انتظام نه ڪيا ويا. وزيراعظم ان عزم کي ??رجايو ته هن وقت قوم کي ??ڪجهتي جي ضرورت آهي ته جيئن غيرمعمولي معاشي معاملن کي عوام جي ڀلائي لاءِ حل ڪري سگهجي، اهڙين حالتن ۾ حڪ??مت جي خلاف مارچ بنا سبب ۽ قوم ۾ فرق پيدا ڪرڻ جي برابر آهي. حڪ??مت سي پيڪ ۽ ريڪوڊڪ سميت ملڪ ۾ ٻين سمورن ترقياتي منصوبن تي موثر طريقي سان ڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته حڪ??مت پرڏيهي معاملن ۾ ڀائر ملڪن سميت سمورن ملڪن سان گڏيل عزت ۽ گڏيل مفاد جو تعلق رکڻ چاهي ٿي. وزيراعظم ان عزم کي به ورجايو ته ملڪ ۾ شفاف چونڊن جي لاءِ چونڊ سڌارا تمام ضروري آهن.