سيالڪوٽ– 10 – آگسٽ (اي پي پي) سيالڪوٽ شهر ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ جشن آزادي جون تياريون عروج تي پهچي ويون آهن. ان سلسلي ۾ بازارن ۽ مارڪيٽن ۾ عارضي اسٽال لڳايا ويا آهن، جتي قومي جهنڊا، بيج ۽ اسٽيڪر جڏهن ته ٻارن ۽ نوجوانن جي لاءِ جشن آزادي جي مناسبت سان شرٽس ۽ ٻيو سامان وڪرو ٿي رهيو آ??ي، هر طرف سائي رنگ جا جهنڊا لڳل آهن. ?? دڪانن، گهرن، گ??ڏين ۽ موٽر سائيڪلن کي قومي جهنڊن سان سينگاريو پيو وڃي.