نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دنيا جي امير ملڪن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي پاڪستان کي قرضن ۾ ر??لي?? ڏين ڇو ته ماحولياتي تب??يل??ن جي ڪري ايندڙ بدترين ٻوڏ سا?? انفراسٽرڪچر تباهه ٿي ويو، لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا، فصل تباهه ٿي ويا، دنيا کي ان صورتحال ۾ اسان جي فوري مدد ڪرڻ گهرجي، پاڪستان رڳو پنهنجي وسيلن سا?? ان صورتحال جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي، ايندڙ ٻن مهينن دوران پاڪستان کي قرضن جون قسطون ادا ڪرڻيون آهن جڏهن ته ٻوڏ سان اسان جي معيشت کي سخت نقصان پهتو آهي. ”بلومبرگ“ کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هن وقت مون کي پنهنجي ملڪ ۾ هجڻ گهرجي ها ڇو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، انهن کي ر??لي?? جي ضرورت آهي پر آئون دنيا کي صورتحال کان آگاهه ڪرڻ جي لاءِ آيو آهيان، پاڪستان کي موسمياتي تب??يل??ن جي ڪري بدترين ٻوڏ درپيش آهي، موسمياتي تب??يل??ن جي ڪري ٺهندڙ عملن ۾ اسان جو حصو نه هجڻ جي برابر آهي پر پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. وزيراعظ?? چيو ته ٻوڏ سان 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، 400 ٻارن سميت 1500 ماڻهو ٻوڏ جي ور چڙهي ويا، لکين ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿي وئي، 10 لک گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا، جڏهن ته جزوي طور تي متاثر ٿيندڙ گهرن جو انگ به لکن ۾ آهي. وزيراعظ?? چيو ته هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سميت عالمي اڳواڻن کي ان صورتحال کان آگاهه ڪيو آهي ۽ انهن کي ٻڌايو آهي ته پاڪستان اڪيلو ان صورتحال کي منهن نه ٿو ڏئي سگهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڻ پاڪستان جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو ۽ چيو ته هن اهڙي تباهي اڳ ۾ ناهي ڏٺي. وزيراعظ?? چيو ته ترڪ صدر رجب طيب اردوان، آمريڪي صدر جو بائيڊن ۽ فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون سميت عالمي اڳواڻ?? ان حوالي سان گڏيل قومن ۾ پنهنجي تقريرن ۾ به خيالن جو اظهار ڪيو آهي ۽ زور ڏنو آهي ته پاڪستان کي هن وقت وڏي مدد جي ضرورت آهي. وزيراعظ?? چيو ته دنيا اسان جي جيڪا مدد ڪئي ان تي ٿورا مڃون ٿا پر اسان کي ان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ۽ فوري مدد جي ضرورت آهي. لکين ٻار بيماري ۾ وٺجي رهيا آهن، بيٺل پاڻي سان وبائي مرض پکڙجي رهيو آهي، متاثر علائقن ۾ ڪمبل، خوراڪ، خاص طور تي ٻارن جي غذا جي ضرورت آهي، ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو 30 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي، اسان کي ماڻهن جي بحالي ۽ نئين س?? تعمير جي لاءِ مدد جي ضرورت آهي، متاثرين جي ٻيهر آبادڪاري ڪرڻي آهي ۽ زراعت ۽ صنعت کي بحال ڪرڻو آهي، اهڙي صورتحال ۾ دنيا اسان کي نظرانداز نه ٿي ڪري سگهي. وزيراعظم دنيا جي خوشحال ملڪن، آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ کي اپيل ڪئي آهي ته پاڪستان کي قرضن جي ادائيگي ۾ ر??لي?? ڏنو وڃي ڇو ته ايندڙ ٻن مهينن دوران پاڪستان تي قرضن جي ادائيگي جي وڏي ذميواري آهي، تازو ئي آءِ ايم ايف سان سخت شرطن تي معاهدا ٿيا آهن، هر مهيني بجلي ۽ پيٽرول تي ٽيڪس لڳائڻو پئجي رهيو آهي، پاڪستان جي لاءِ اها مشڪل صورتحال آهي، خاص طور تي جڏهن ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئين س?? تعمير جو چئلينج درپيش آهي. وزيراعظ?? چيو ته عالمي سطح تي پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون غيرمتوقع طور تي تمام گهڻو وڌي چڪيون آهن، سرديءَ جي لاءِ گئس جي کوٽ آهي، ترقي يافته قومن ۽ ملڪن کي اسان مان اميدون وابسته ڪرڻ بدران موجوده صورتحال تي اسان جي مدد ڪرڻي پوندي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظ?? چيو ته روس جي صدر ملاقات ۾ گئس جي فراهمي جي حوالي سان جائزي وٺڻ جي خاطري ڪرائي آهي پر اڃا تائي?? ان حوالي سان ڪا ڪمينٽمينٽ ناهي ٿي. پاڪستان روس سان ڪڻڪ جي خريداري جو به خواهشمند آهي پر ٻوڏ جي ڪري زمين ڪڻڪ جي پوکائي جي لاءِ تيار نٿي ٿي سگهي. وزيراعظ?? چيو ته دنيا اسان جي مدد ڪرڻ ۾ دير ڪئي ته انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو. پاڪستان جي سياسي صورتحال جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظ?? چيو ته اسان کي اتحاد، يڪجهتي، مصالحت ۽ امن جي ضرورت آهي، موجوده صورتحال اسان کان اخوت ۽ هڪ ٻئي جو هٿ ونڊرائڻ جي گهرج ڪري ٿو، هي وقت گڏيل اختلافن ۽ سياست جو نه آهي، انسانيت جي خدمت ۽ متاثرين جي مدد لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، ٻوڏ متاثرين کي ڪمبل، دوائن، خيمن، خوراڪ جي ضرورت آهي، اسان کي ذاتي پسند ۽ ناپسند کان اڳتي به وڌڻو پوندو. وزيراعظ?? چيو ته دنيا هن مشڪل صورتحال ۾ اسان جي مدد لاءِ اڳتي اچي ڇو ته موسمياتي تب??يل??ن کان اڄ اسان متاثر آهيون ته سڀاڻي ڪو ٻيو به متاثر ٿي سگهي ٿو. ڀارت سان لاڳاپن جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظ?? چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت پاڙيسري ملڪ آهن ۽ اسان کي پرامن پاڙيسرين طور تي رهڻو آهي، امن جو قيام واحد رستو آهي جنهن جي ذريعي اسان پنهنجي عوام جي زندگين کي بهتر بڻائي سگهون ٿا. پاڪستان ۽ ڀارت ڳالهه ٻولهه ذريعي پنهنجا گڏيل تڪرار طئي ڪري سگهن ٿا.