اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سينيئر صحافي ۽ اينڪر پرسن ارشد شريف جي ڪينيا ۾ افسوسناڪ موت تي ارشد شريف جي ماءُ ۽ ??اڪ??تان ۾ ڪينيا جي سفير کي ٽيليفون ڪئي، ارشد شريف جي ماءُ سان تعزيت جو اظهار ڪندي هن چيو ته ??اڪ??تان حڪومت ارشد شريف جي موت جي حوا??ي سان ڪينيا جي حڪومت ۽ لاڳاپيل عملدارن سان رابطي ۾ آهي. هن ارشد شريف جي ماءُ کي سندس پٽ جي موت تي هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ ملندڙ معلومات ??ان آگاهه ڪيو۔ هن چيو ته ارشد شريف جي موت تي تمام گهڻو ڏک آهي. گهروارن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهيان. ارشد شريف جي موت جي سببن جي خبر جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ڪينيا جي حڪومت سرڪاري طور تي ارشد شريف جي موت بابت هيستائين ڪجهه ناهي ٻڌايو، جيئن ئي ڪينيا جي حڪومت اسان کي آگاهه ڪندي، اسان ت??صي??ن ??ان ارشد شريف جي گهروارن ۽ عوام کي آگاهه ڪنداسين. هن چيو ته ??اڪ??تان حڪومت ڪينيا جي حڪومت ۽ لاڳاپيل عملدارن سان رابطي ۾ آهي. هن چيو ته ??اڪ??تاني ميڊيا تي ارشد شريف بابت جاري قياس آرائيون افسوسناڪ آهن. ڪينيا ۾ ??اڪ??تان جي هاءِ ڪمشنر پوليس وارن سان رابطي ۾ آهي، ان کانسواءِ ??اڪ??تان ۾ ڪينيا جي سفير سان به رابطو ٿيو آهي، جنهن مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي آهي. ??اڪ??تان ۾ ڪينيا جو سفير پنهنجي حڪومت ??ان معلومات وٺي اسان کي آگاهه ڪندو. گهرو وزارت ڪينيا جي سيڪيورٽي ايجنسين سان رابطي ۾ آهي. حقيقتون عوام آڏو آڻينداسين. هن چيو ته تصديق ٿيل حقيقتون سامهون اچڻ تائين قياس آرائين ??ان پاسو ڪيو وڃي. ارشد شريف جي موت جي حوا??ي سان سمورين حقيقتن تائين پهچنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ گهروارن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.