شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ان ڪوپ 27 سربراهي ڪانفرنس جي موقعي تي عراق، تاجڪستان، انڊونيشيا جي صدرن ۽ لبنان جي وزيراعظم ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??ار??ن جاري بيان موجب مصر ۾ موسمياتي تبديلين جي عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ ڪوششن تي وزيراعظم شهباز شريف سڀني جي نگاهن جو مرڪز بڻجي ويو، عالمي اڳواڻن وزيراعظم جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ مسلسل موجودگي کي غيرمعمولي جذبو قرار ڏنو. ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف مصروف ڏينهن گذاريو. هن ڪوپ 27 سربراهي ڪانفرنس جي موقعي تي شرم الشيخ ڪانگريس سينٽر ۾ اهم عالمي اڳواڻن ??ان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم ??ان عراق جي صدر عبداللطيف راشد، تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان، انڊونيشيا جي صدر جوويدود جدا جدا ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف ??ان لبنان جي وزيراعظم نجيب ميڪاتي پڻ ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف انڊونيشيا جي صدر ??ان ڳالهائيندي چيو ته کاڄرو تيل جي فوري پهچ تي توهان جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. انڊونيشيا جي صدر چيو ته پاڪستان ا??ان جو ڀاءُ آهي، هر ممڪن مدد ??ي خوشي ٿيندي. وزيراعظم شهباز شريف انڊونيشيا جي حڪومت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. وزيراعظم تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان ??ان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته تاجڪستان جو صدر هلندڙ سال ڊسمبر ۾ پاڪستان ايندو. ٻنهي ??ڳواڻن ۾ موسمياتي تبديلي جي تباهي ??ڻيندڙ اثرن ??ي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. غيرملڪي اڳواڻن پاڪستان ۾ ٻوڏ ??ان ٿيندڙ تباهين ۽ جاني نقصانن تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته موسمياتي تبديلين ??ان پوري دنيا متاثر ٿي رهي ??هي، ان جا منفي اثر گهٽ ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون لازمي آهن. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مدد تي عالمي برادري جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ عالمي اڳواڻن ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.