اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ آءِ جي شعبي ۾ ترقي ۽ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا آهن، آءِ ٽي جي روانگي ??اپار جي فروغ ل??ءِ خصوصي قدم کنيا پيا وڃن، آءِ ٽي جو موجوده روانگي ??اپار اسان جي حقيقي صلاحيت سان هڪجهڙائي نه ٿو رکي، آءِ ٽي ماهرن ۽ نوجوانن کي هدف حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اپٽيڪا کي روانگي ??اپار جي فروغ ل??ءِ سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايشيا پيسفڪ آءِ سي ٽي الائنس ايوارڊ (اپٽيڪا) جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، آءِ ي وارو وفاقي وزير سيد امين الحق، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي خاص معاون شيزه فاطمه خواجه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته اپٽيڪا جي پهريون ڀيرو ميزباني پاڪستان جي ل??ءِ اعزاز آهي، پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، پاڪستاني ڪمپنين آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي ل??ءِ ڀرپور ڪم ڪيو آهي ۽ ان شعبي ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، حڪومت آءِ ٽي جي شعبي جي فروغ ل??ءِ قدم کڻي رهي اهي، ان سلسلي ۾ ڪئي ويندڙ ڪوششن ۾ مدد ڪئي ويندي. هن چيو ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي ۽ هي اسان جي ل??ءِ هڪ چئلينج ۽ موقعو به آهي، اسان کي ان موقعي مان فائدو کڻڻو پوندو، نوجوانن کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ پنهنجي صلاحيتن مان فائدو کڻڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته هو جڏهن پنجاب ۾ وڏو وزير هو تهص حت، تعليم ۽ روينيو جي وصولي جهڙن مختلف شعبن ۾ آءِ ٽي جي ترقي جي ل??ءِ قدم کنيا، هوشيار شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهايا ويا، ان کانسو??ءِ آءِ ٽي جي فروغ ل??ءِ پنجاب ۾ شاگردن ۽ استادن کي ڪتابچا پڻ فراهم ڪيا ويا. هن چيو ته پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي شعبي جي فروغ جي تمام گهڻي صلاحيت آهي پر اسان جو روانگي ??اپار رڳو 2.5 ارب ڊالر ساليانو آهي جيڪو اسان جي حقيقي صلاحيتن سان هڪ جهڙائي نه ٿو رکي، اسان آءِ ٽي جو روانگي ??اپار اربين ڊالر وڌائي سگهون ٿا. هن چيو ته گذريل 8 مهينن دوران هن آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي ۽ نوجوانن کي متحرڪ ڪرڻ جي ل??ءِ قدم کنيا آهن، آءِ ٽي جي شعبي جي روانگي ??اپار جي فروغ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، اسان پنهنجو اهو روانگي ??اپار ساليانو 5 ارب ڊالر تائين فوري وٺي وڃي سگهون ٿا، آءِ ٽي ماهرن ۽ نوجوانن کي اڳتي اچي ان سلسلي ۾ منصوبو ٺاهڻ گهرجي ته جيئن اسان ڪهڙي طرح پنهنجا هدف آساني سان حاصل ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته هي فورم آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي ل??ءِ اسانجي ڪوششن ۾ سگهه جو ذريعو بڻجندو. وزيراعظم پاڪستان ۾ ايشيا پيسفڪ آءِ سي ٽي الائنس ايوارڊ منعقد ڪرڻ جي ل??ءِ پاڪستان جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ تي اپٽيڪا جي چيئرمين جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان آءِ ٽي جي شعبي ۽ آءِ ٽي انڊسٽري جي فروغ ل??ءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو ۽ اپٽيڪا کي روانگي ??اپار جي فروغ ل??ءِ سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. تقريب کي خطاب ڪندي آءِ ٽي واري وفاقي وزير سيد امين الحق چيو ته غربت جي خاتمي ۽ پائيدار ترقي جي ل??ءِ آءِ ٽي جو ڪردار اهم آهي، پاڪستان علم تي ٻڌل معيشت جي فروغ ل??ءِ خصوصي قدم کنيا اهن، اسان جي 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي ۽ اهي اسان جو قيمتي اثاثو آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ آءِ ٽي انڊسٽري ترقي ڪري رهي آهي، ڏورانهن علائقن کي ڊيجيٽل دنيا سان ڳنڍڻ اسان جو عزم آهي، ملڪ ۾ موبائيل فون استعمال ڪندڙ ۽ براڊ بينڊ سان ڳنڍيل صارفين جي انگ ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته موجوده دور ۾ ٿري جي ۽ فور جي سان ڪم نه هلندو، ايندڙ سال جون ۾ فائيو جي سروس شروع ڪئي ويندي. تقريب کي پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جنيد، اپٽيڪا جي چيئرمين ستان سنگهه ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. پاڪستان 7 کان 11 ڊسمبر تائين 21 هين اپٽيڪا ايوارڊ 2022ع جي ميزباني ڪري رهيو آهي. ايشيا پيسفڪ آءِ سي ٽي الائنس ايوارڊ پاڪستان ۾ پهريون ڀير?? منعقد ٿي رهيا آهن جنهن جو انتظام انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي مواصلات واري وزارت جي تعاون سان ڪيو ويو آهي. هن ايونٽ ۾ ملائيشيا، آسٽريليا ۽ سنگپاور سميت مختلف ملڪن مان 150 غيرملڪي نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن. ڪورونا کانپوءِ ايشيا پيسفڪ آءِ سي ٽي الائنس ايوارڊ پهريون ڀير?? منعقد ٿي رهيو آهي جيڪي عالمي ڊيجيٽل معيشت جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.