اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻ??ڏ متاثرين جي بحالي، ٻيهر آبادڪاري ۽ نئين سر تعمير حڪومت جي اولين ترجيح آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي 76 ارب رپيا شفاف طريقي سان ورهايا ويا آهن، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، سمورن ادارن ۽ هٿياربند فوج ٻ??ڏ متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف جي لاءِ گڏجي ڪم ڪيو آهي، دوست ملڪن، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين، ڪاروباري ۽ سرندي وارن کي ٻ??ڏ متاثرين جي لاءِ گهرن جي تعمير ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽانڪ ۽ ڊيره اسماعيل خان جي ٻ??ڏ متاثرين جي لاءِ تعمير ڪيل رهائشي يونٽس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان متاثرين کي ڇت جي فراهمي ڪئي پئي وڃي، سرندي وارن جي تعاون سان ٽانڪ جي ٻ??ڏ متاثرين کي ڇت جي فراهمي خوش آئنده آهي، ٻوڏ پوري ملڪ ۾ تباهي مچائي، اٽڪل 20 لک گهر مڪمل يا جزوي طور تي تباهه ٿي ويا، زراعت، بجلي ۽ مواصلات جو نظام درهم برهم ٿي ويو، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جو مالي تعاون ۽ معاونت انتهائي ساراهه جوڳي آهي، متاثرين جي لاءِ گهرن جي تعمير جي لاءِ ڪيپٽن (ر) شجاعت عظيم ۽ ان جي ٽيم ۽ حصيدارين جا ٿورا مڃون ٿا، ٻوڏ دوران اين ڊي ??يم اي ۽ پي ڊي ??يم اي بهترين ڪم ڪيو، سنڌ ۾ ٻوڏ سان تمام گهڻو نقصان ٿيو، پنجاب ۽ بلوچستان جا ڪجهه ضلعا به ٻوڏ سان شديد متاثر ٿيا آهن، چئني صوبائي وڏن وزيرن متاثرين جي مدد لاءِ گڏجي ڪم ڪيو آهي، اسان جا وسيلا انتهائي محدود هئا، ٻ??ڏ متاثرين جي مدد تي دوست ملڪن جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون جن هوائي ۽ سامونڊي ??هازن ۽ ٽرينن ذريعي امدادي سامان سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ پهچايو، پيئڻ جي پاڻي جا پلانٽس ڏنا ويا، سعودي عرب، قطر، ترڪيه ۽ ٻين ملڪن پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي آهي، وفاقي حڪومت وفاقي وزير شازيه مري جي سربراهي ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي متاثرين ۾ 70 ارب رپيا ورهايا، بجلي ??اري وفاقي وزير خرم دستگير خان ۽ ان جي وزارت بجلي جي بحالي ??اءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته متاثر علائقن ۾ انفراسٽرڪچر جي بحالي ??اءِ لاڳاپيل ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، ٽنهي هٿياربند فوج جي دستن ريسڪيو ۽ ريليف سرگرمين ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو. وزيراعظم چيو ته امدادي سرگرمين جي نگراني ڪندي پاڪ فوج جا آفيسر شهيد ٿيا، اهي عظيم قربانيون قوم سدائين ياد رکندي. وزيراعظم چيو ته حبيب بئنڪ جي چيئرمين سلطان علي الانه پڻ ٻه ڳوٺ تعمير ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي، هڪ ڳوٺ سنڌ ۽ هڪ بلوچستان ۾ تعمير ڪيو ويندو ۽ انهن تي جلد ڪم شروع ٿي ويندو. وزيراعظم چيو ته امدادي سرگرمين دوران دوست ملڪن سان گڏوگڏ اين جي اوز، ڪاروباري ماڻهن، واپارين ۽ سرندي وارن ڏينهن رات ڪم ڪيو آهي، سرندي وارن کي گهرن جي تعمير جي عمل ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گهرجي، جيڪڏهن اهي سئو گهرن جي تعمير پنهنجي ذمي کڻن ته ڏينهن ۾ هزارين گهر تعمير ٿي ويندا، دوست ملڪن، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين، ڪاروباري ماڻهن ۽ سرندي وارن کي اپيل آهي ته اهي گهرن جي تعمير ۾ تعاون ڪن. هن چيو ته وزيراعظم ريليف فنڊ ۾ پنج ارب رپيا جمع ٿي چڪا آهن، اسان انهن کي وڌائي 10 ارب رپين تائين ??ٺي وڃڻ چاهيون ٿا جنهن کانپوءِ فنڊ ۾ جمع ٿيندڙ رقم خرچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. هن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، بجلي ??اري وفاقي وزير خرم دستگير خان، وفاقي وزير شازيه مري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان، پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جا ٿورا مڃون ٿا جن ٻ??ڏ متاثرين جي مدد، ريسڪيو ۽ ريليف، بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون آهن، اسان کي گڏجي ڏکويل انسانيت جو هٿ ونڊائڻو پوندو. ان کان اڳ وزيراعظم ٽانڪ ۽ ڊيره اسماعيل خان جي ٻ??ڏ متاثرين جي لاءِ تعمير ڪيل گهرن، اسپتال ۽ اسڪولن جون چاٻيون ورهايون.