اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي ??ي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز ش??يف چيو آهي ته دهشتگردي جو ٻيهر ڪنڌ کڻڻ اسان جي قومي سلامتي جي لاءِ نئون خطرو آهي، اسان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز ان خطري کي منهن ڏيڻ جي پوري صلاحيت رکن ٿيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزراعظم چيو ته دهشتگردي جو ٻيهر ڪنڌ کڻڻ اسان جي قومي سلامتي جي لاءِ هڪ نئين خطري جو سبب آهي. اسان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز ان خطري کي منهن ڏيڻ جي پوري صلاحيت رکن ٿيون. بنون آپريشن ۾ حصو وٺندڙ ڌر??ي جي بهادر فرزندن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جي قربانين کي قبول ڪري.