اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ل??هو?? پريس ڪلب جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي ۽ صحافت جي آزادي تي پختو يقين رکي ٿي، صحافين جي ڀلائي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ل??هو?? پريس ڪلب جي نئين چونڊيل صدر اعظم چوڌري، سينيئر نائب صدر شاداب رياض، نائب صدر ظهير احمد بابر، سي??ريٽري عبدالمجيد ساجد، جوائنٽ سي??ريٽري حسن تيمور جهڳڙا ۽ فنانس سي??ريٽري حافظ فيض احمد سميت گورننگ باڊي جي ميمبرن کي ل??هو?? پريس ڪلب جي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته ل??هو?? پريس ڪلب جي نئين چونڊ??ل قيادت صحافين جي ڀلائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته ل??هو?? جي صحافي برادري آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ جمهوري روايتن جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. اطلاعات واري وفاقي وزير ل??هو?? پريس ڪلب جي نئين چونڊيل باڊي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.