اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽي?? لائيف جي وفاقي محتسب جي 4 فيصلن جي خلاف اپيلون رد ڪري ڇڏيون. هن اسٽي?? لائيف کي لائيف انشورنس پاليسي جاري ڪرڻ کان اڳ تصديقي عمل کي مضبوط ڪرڻ ۽ اسٽي?? لائيف کي دعويدارن کي 19 لک رپين کان وڌيڪ جا ڪليم ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسٽي?? لائيف پاليسي ڏيڻ کان اڳ ۽ بعد جي عمل کي بهتر بڻائي ته جيئن ماڻهن کي غيرضروري پريشاني کي منهن ڏيڻو نه پوي، انهن قدمن سان رياست ۽ شڪايت ڪندڙن جي قانوين چاره جوئي تي ٿيندڙ خرچن کي به گهٽ ڪري سگهبو. صدر ڪانٽريڪٽ ايڪٽ 1872ع جو حوالو پڻ ڏنو ۽ چيو ته اسٽي?? لائيف انشورنس بيماري لڪائڻ جي عذر تي ڪليم ادا نه ڪري بدانتظامي ڪئي، اسٽي?? لائيف اصل ڪليم کانسواءِ ان مدي دوران جمع ٿيندڙ منافعي جي ادائيگي به ڪري. صدر اسٽي?? لائيف جي وفاقي محتسب جي 4 فيصلن جي خلاف اپيلون رد ڪري ڇڏيون. صدر چيو ته پاليسي هولڊرز کي پاليسي جاري ڪرڻ کان اڳ مجاز ميڊيڪل آفيسر طبي معائني ۾ طبي طور تي صحتمند قرار ??نو، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب هائي بلڊ پريشر، ذيابيطس ۽ ميليٽس جهڙين بيمارين کي غيرمعمولي سبب نه ٿو چئي سگهجي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب اهڙين بيمارين کي لڪائڻ کي دوکويباز?? سان تعبير نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته چار مختلف پاليسي هولڊرز مجموعي طور تي 19.5 لک رپين جي لائيف انشورنس پاليسيون خريد ڪيون، جنهن ۾ 9 لک، 4 لک 25 هزار، 4 لک 25 هزار ۽ 2 لک شامل آهن. فوت ٿيڻ کانپوءِ خاندان جي ماڻهن (شڪايت ڪندڙن) انشورنس ڪليمز جي لاءِ درخواست ڏني، اسٽي?? لائيف پاليسي وٺڻ وقت بيماريون لڪائڻ جو عذر ٺاهي ڪليم ادائيگي کان انڪار ??يو، شڪايت ڪندڙن ريليف جي لاءِ وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو اسٽي?? لائيف محتسب حڪمن جيخلاف صدر کي درخواستون داخل ڪيون جيڪي رد ڪيون ويون.