اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي سينيگال سان واپار، معيشت ۽ تعليم جي شعب?? ۾ ??عاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل مفادن جي لاءِ ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار سينيگال ۾ پاڪستان جي نامزد سفير صائمه سيد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي چيو ته پاڪستان سينيگال کي اولهندي آفريقي خطي ۾ هڪ اهم ملڪ سمجهي ٿو جنهن سان ٻطرفي واپار کي وڌيڪ سگ??ه ڏيڻ جي لاءِ ٺوس ڪوششون ڪيون وڃن. هن نامزد سفير تي زور ڏنو ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وزارتي سطح تي ٻطرفي مٽاسٽا جي انتظامن لاءِ ڪم ڪري. صدر ڪيترن ئي سالن کان ڊاڪار ۾ ٿيندڙ واپاري ميلن (ڊاڪار انٽرنيشنل ٽريڊ فيئر) ۾ پاڪستاني واپارين جي شرڪت تي اطمينان جو اظهار ڪندي وڌيڪ چيو ته اهڙي طرح جي نمائشن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي. هن نامزد سفير کي چيو ته هو ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي وڌائڻ جي لاءِ لاڳاپيل وزارتن سان گڏجي وڌيڪ واپاري نمائشن جو اهتمام ڪري. صدر پاڪستان ۽ سينيگال جي و?? ۾ ??عليم جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو ته هن وقت 8000 غيرملڪي شاگرد ورچوئل يونيورسٽي آف پاڪستان جي مختلف پروگرام?? ۾ ??عليم هيٺ آهن ۽ سينيگال جا شاگرد به ورچوئل يونيورسٽي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي آن لائين ۽ فا??لاتي تعليم مان فا??دو کڻي سگ??ن ٿا. صدر نامزد سفير کي اهو به چيو ته هو ڀارت جي اقليت مخالف ۽ مسلم دشمن پاليسين سان گڏوگڏ 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي معصوم ماڻهن جي خلاف جاري دهشتگردي کي پڻ اجاگر ڪري.