اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ذخيره اندوزن ۽ منافعي خ??رن جي خ??اف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪندي وفاق ۽ صوبن جي ضلعي انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي فري ??ينڊ ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم مرغي جي قيمتن ۾ اضافي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ رمضان المبارڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي سستي کاڌي پيتي جي شين جي ف??اه??ي کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رمضان المبارڪ دوران کاڌي پيتي جي بنيادي شين جي دستيابي ۽ انهن جي قيمتن ۾ استحڪام يقيني بڻائڻ جي حوالي سان اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ سميت کاڌي پيتي جي شين جي ڪا کوٽ نه آهي. وزيراعظم شهباز شريف ذخيره اندوزن ۽ منافعي خ??رن جي خ??اف سخت قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته وفاق ۽ صوبن ۾ ضلعي انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي فري ??ينڊ ڏئي ڇڏيو آهي. هن هدايت ڪ??ي ته ذخيره اندوزي ۽ وڌيڪ اگهه وٺندڙن جي خ??اف سخت ترين ڪارروائي ڪئي وڃي. رمضان المبارڪ کان اڳ گودامن، دڪانن ۽ منڊين ۾ آپريسن ڪن. ٻوڏ، معاشي مشڪلاتن ۾ ڦاٿل عوام کان رمضان ۾ جيڪو وڌيڪ قيمت وٺي، ان کي سختي سان منهن ڏيو. وزيراعظم وفاقي حڪومت کي وڏن وزيرن سان گڏجي رمضان ۾ شين جي رواني ۽ قيمتن تي ڪنٽرول جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم هدايت ڪ??ي ته عبادتن جي مهيني ۾ جيڪو روزيدارن کي تنگ ڪري، ان کي قانون جي طاقت سان سبق سيکاريو. شهباز شريف سخت هدايت ڪ??ي ته شين جي طلب، پهچ ۽ قيمتن ۾ ڳڙٻڙ ٿي ته لاڳاپيل علائقن جي آفيسرن جي خ??اف ڪارروائي ٿيندي. وزيراعظم ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته خوراڪ جي کوٽ نه ته پوءِ مرغي جي قيمت ۾ اضافو ڇو؟ وزيراعظم هدايت ڪ??ي ته جيڪو عوام کي تنگ ڪري، قانون ان کي پڪڙ ۾ آڻي، ڪا نرمي نه ڪئي وڃي. عوام تي مهانگائي جو بار وڌائيندڙ منافعي خ??رن کي پڪڙيو ۽ قانون جو سبق سيکاريو. وزيراعظم اها به هدايت ڪ??ي ته سڄي ملڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي معياري شين جي ف??اه??ي يقيني هجڻ گهرجي. مقدس مهيني ۾ موبائيل يوٽيلٽي اسٽورز قائم ڪريو، سحر ۽ افطار ۾ روزيدارن جون دعائون وٺو. وزيراعظم وفاق ۽ صوبن ۾ سستا رمضا بازار لڳائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪ??ي ته رمضان بازارن ۾ قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وڃي.