اسلام آباد -04 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 5 ۽ 6 مارچ تي قطر ۾ منعقد ٿيندڙ گهٽ ??رقي يافته ملڪن جي حوالي سان گڏيل قومن جي پنجين ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم کي قطر جي دوري جي دعوت، قطر جي امير طرفان ڏني وئي هئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق ڪانفرنس 5 کان 9 مارچ 2023ع تائين ٿيندي جنهن ۾ گهٽ ??رقي يافته ملڪن ۾ پائيدار ترقي کي هٿي وٺائڻ وارن قدمن جو جائزو ورتو ويندو. عالمي اڳواڻ امدادي ڪارروائين کي متحرڪ ڪندا ته جيئن انهن ملڪن کي خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي. پنهنجي دوري دوران ڪانفرنس ۾ شرڪت کان سواءِ وزيراعظم دوحه ۾ مختلف عالمي اڳواڻن، وفدن جي سربراه سان ملاقاتون ڪندو. ڪانفرنس ۾ عالمي اڳواڻ گهٽ ??رقي يافته ملڪن جي معاونت جي حوالي سان عالمي سهڪار کي هٿي وٺائڻ وارن قدمن جو جائزو وٺندا جن تي ترقياتي شراڪتدارن طرفان اتفاق ڪيو ويو آهي. پاڪس??ان گڏيل قومن جي پليٽ فارم تي عالمي سطح تي پائيدار ترقي کي هٿي وٺائڻ وارن قدمن جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سال 2022ع دوران جي-77 ۽ چين جي اجلاس جي صدارت ڪندي پاڪس??ان ايل ڊي سيز جي امداد جي حوالي سان اثرائتن قدمن کي يقيني بڻايو. اهو ئي سبب آهي ته قطر ۾ ڪانفرنس منعقد ٿيندڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ من??ور ڪيل قراردادن تحت ٿي رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مطابق وزيراعظم شهباز شريف جي ڪانفرنس ۾ شرڪت سان گهٽ ??رقي يافته ملڪن جي پاڪس??ان طرفان سپورٽ ۾ مدد ملندي جنهن سان ايل ڊي سيز جي معاشي ۽ سماجي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اضافو ٿيندو. ترجمان چيو ته پاڪس??ان گڏيل قومن جي 20230ع جي سائوٿ ڪو آپريشن فريم ورڪ ۽ پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ واري ايجنڊا تحت اثرائتي عالمي شراڪتداري جي ڀرپور حمايت ڪري ??و.