اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن جي ترقي ۽ حقن جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته عورتن کي ??عا??ي طور تي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ انهن کي ڪاروبار ۾ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا، پاڪستان جي 50 سيڪڙو آبادي کي پيداواري افرادي قوت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ عورتن جي مالي شموليت لازمي آه??، عورتن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ذريعي پنهنجي ڪاروبار جي شروعات ۾ مدد ڪرڻ انهن کي بااختيار بڻائڻ جو تيز ترين رستو آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ آءِ ٽي اسٽارٽ اپس بابت ”بزنيٽ 2023ع“ جي عنوان سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته عورتن ۽ خصوصي ماڻهن سميت ٻين گهٽ نمائندگي وارن گروهن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ ملڪ جي ترقي جي لاءِ اهم آه??. صدر تنظيمن ۽ ڪمپنين جي سطح تي صنفي برابري تي زور ڏيندي چيو ته اهي مرڪزي ڌارا ۽ قائداڻي ڪردارن ۾ پنهنجي نمائندگي کي يقيني بڻائين، ڊيجيٽل دور ۾ ٽيڪنالاجي ڪنهن به ڪاروبار جي پيداواري صلاحيت ۽ ڪارڪردگي کي وڌائي سگهي ٿي. هن چيو ته آءِ ٽي سان لاڳاپيل اسٽارٽ اپس ۾ عورتن جي شموليت سان انهن کي پنهنجي گهرن مان روزگار ڪمائڻ ۾ به مدد ملي سگهي ٿي. هن زور ڏنو ته عورتن کي پنهنجي مالي معاملن تي اختيار رکڻ جي لاءِ بئنڪ اڪائونٽ هولڊر بڻجڻ جي ترغيب ڏيڻ جي ضرورت آه??. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ن??ان??هي ڪئي ته اسلام عورتن جي لاءِ جيڪي حق بيان ڪيا آه?? انهن جي باوجود ثقافت ۽ هراسان ڪرڻ انهن جي آزادي ۾ ٻه اهم رڪاوٽون آه??. هن چيو ته ??عا??ري جي لاءِ اهو ضروري آه?? ته اهي عورتن جي لاءِ موقعا پيدا ڪري ۽ انهن جي لاءِ هراسمينٽ کان پاڪ ثقافت کي يقيني بڻائي انهن جي لاءِ مثبت انداز اختيار ڪن. صدر ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته ميڊيڪل ڪاليجن مان فارغ ٿيندڙ عورتن مان 50 سيڪڙو شادي کانپوءِ پنهنجو ڪيريئ?? ڇڏي ڏين ٿيون جيڪو هڪ باصلاحيت افرادي قوت جو وڏو نقصان آه??. هن والدين، مڙسن ۽ عورت ڊاڪٽرن کي مشورو ڏنو ته اهي پيشيواراڻي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ ۾ ليڊر ڊاڪٽرن جي حوصلا افزائي ڪن. هن چيو ته مذهب ۽ ملڪي قانون ٻئي عورتن جي وراثت جي حق جي حمايت ڪن ٿا جڏهن ته ??عا??ري جون برائيون اڪثر معاملن ۾ ان ۾ رڪاوٽ آه??. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران عورتن کي ڪاروباري قرضن جي آڇ ڪئي وئي جڏهن ته ان مان رڳو 5 سيڪڙو ان مان فائدو کنيو. هن چيو ته عورت پارليامينٽرينز ۽ ٻين ناليوارين عورتن تي اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي صنفي برابري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پيغام کي موثر طري??ي سان پهچائين. هن چيو ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي پڻ معيشت جي مختلف شعبن ۾ عورتن جي ڪردار کي اڳتي وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. جرمني جي فريڊرڪ نومن فائونڊيشن جي ڪنٽري هيڊ برجٽ لام ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته سندس تنظيم پاڪستان ۾ عورتن سميت ماڻهن کي ڪاروباري سرگرمين کي باوقار طري??ي سان شامل ڪرڻ ۾ انهن جي مدد ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آه??. ”ٽرانسفارمنگ حب“ جي سي اي او ۽ وومين بزنس نيٽ ورڪ جي باني افتخار حسين چيو ته بزنيٽ جو مقصد وڏي ڪاروباري ادارن، مالياتي ادارن، پاليسي سازن ۽ ڪامياب اسٽارٽ اپس کي هڪ ئي ڇت جي هيٺ آڻڻ آه?? ته جيئن معيشت جي تيز رفتار ترقي جي لاءِ انتهائي ضروري تعاون کي شروع ڪري سگهجي. انٽر لوپ اسٽارٽ اپ جي چيف سسٽين ايبلٽي آفيسر فريال صادق ڪاروبار ۾ برابري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عورتن کي فني مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن کي اجاگر ڪيو. ان کان اڳ صدر مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن ۾ شيلڊز ورهايون.