اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽي جي رٽائرڊ پروفيسر جي ??ين??ن بابت وفاقي محتسب جو فيصلو برقرار رکندي عالمي اسلامي يونيورسٽي ۾ 14 سالن ت??ئي?? خدمتون سرانجام ڏيندڙ پروفيسر کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ ??ين??ن جو حصو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. صدر قرار ڏن?? ته ??ين??ن ڪو انعام نه آهي پر ڊگهي ۽ مسلسل خدمتن تي حاصل ڪئي وڃي ٿي. ايوان ص??رجي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻڌڻي ۾ يونيورسٽي جي پروفيسر جي دعويٰ کي تسليم ڪيو ۽ ازالي جو يقين ڏياريو. صدر چيو ته قانون کان هٽي ڪري ??ين??ن جي حق کان محرومي يا دير جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. ??ين??ن محنت سان ڪمايو ويندڙ حق آهي جيڪو ملازم کي حاصل هوندو آهي. صدر فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2013ع جي فيصلي جو پڻ حوالو ڏن??. فيصلي ۾ سرڪاري ادارن ۽ آفيسرن جي ??ين??نري/ رٽائرمينٽ فائدن کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ غيرضروري دير پيدا نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي. فيصلي ۾ چيو ويو هو ته ڪا به خلاف ورزي ڏوهاري غفلت ۽ فرضن کان غفلت جي برابر هوندي. فيصلي ۾ چيو ويو هو ته ??ين??ن معاملن ۾ دير عدالتي نوٽيس ۾ اچڻ تي لاڳاپيل کاتي جي سربراهه کي توهين عدالت جو ذميوار قرار ڏن?? ويندو. صدر چيو ته يونيورسٽي وٽ پٺتي هٽڻ جو ڪو قانوني يا اخلاقي جواز نه آهي، انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد محتسب جي فيصلي جي تعميل ڪري. پروفيسر ڊاڪٽر علي اصغر چشتي عالمي اسلامي يونيورسٽي ۾ 14 سال بطور فيڪلٽي ميمبر خدمتون سرانجام ڏئي چڪو هو، پروفيسر چشتي قانون ۽ قاعدي موجب علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ ملازمت اختيار ڪئي. 2020ع ۾ علامه اقبال يونيورسٽي مان رٽائرمينٽ تي يونيورسٽي کي ??ين??ن شيئر جي منتقلي جي درخواست ڪئي. يونيورسٽي پاران پروفيسر جي حق ۾ خط جاري ٿيڻ جي باوجود ??ين??ن منتقل نه ڪئي وئي. انصاف جي لاءِ پروفيسر وفاقي محتسب سان رجوع ڪيو، جنهن پروفيسر جي حق ۾ فيصلو ڏن??. يونيورسٽي حڪمن جي خلاف صدر کي درخواست داخل ڪري ڇڏي، جنهن کي رد ڪيو ويو. صدر سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ ??ين??ن ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.