اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انشورنس ڪمپني کي بيواهه کي 3 لک جو انشورنس ڪليم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي اسٽيٽ لائيف انشورنس جي اپيل کي رد ڪري ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪمپني بيواهه کي لائيف انشورنس ڪليم جي ادائيگي کان انڪا?? ڪري ڇڏيو هو. اسٽيٽ لائيف موقف اختيار ڪيو ته فوتي جي موت رستي حادثي سان سڌو??نئ??ن نه پر مرگهي جي ڪري ٿي. صدر اسٽيٽ لائيف جو موقف رد ڪري ڇڏيو ۽ وفاقي محتسب جا حڪم برقرار رکندي چيو ته اسٽيٽ لائيف مناسب قاعدا ضابطا اختيار ڪئي ۽ بدانتظامي کي روڪي. صدر چيو ته ڪو ثبوت پيش نه ڪيو ويو ته فوتي جو موت مرگهي سان سڌو??نئ??ن ٿيو، محتسب بجا طور تي فيصلو ڪيو ته رڳو پوليس روزنامچي تي دارومدار ڪيو ويو. صدر چيو ته اسٽيٽ لائيف جي فيلڊ آفيسر جي رپورٽ ۾ فوتي پاليسي هولڊر کي صحتمند قرار ڏنو ويو، رپورٽ ۾ واضح طور تي لکيو ويو آهي ته آفيسر فوتي پاليسي هولڊر کي گذريل ٻن سالن کان سڃاڻيندو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جيئن ??ه بدانتظامي ثابت ٿي ان لاءِ اسٽيٽ لائيف 30 ڏينهن ۾ شڪايت ڪندڙ کي ڪليم ادا ڪري. واضح رهي ته ريحانه بي بي (شڪايت ڪندڙ) جي فوتي مڙس اڪرم مس??ح 20 سالن جي لاءِ 3 لک رپين جي لائيف انشورنس پاليسي حاصل ڪئي، اڪرم مس??ح جو موت رستي حادثي ۾ ٿيو، موت کانپوءِ زال انشورنس جي دعويٰ ڪئي. عورت وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو جنهن ان جي حق ۾ حڪم جاري ڪيو. اسٽيٽ لائيف محتسب جي حڪم جي خلاف صدر وٽ اپيل داخل ڪ??ي جڏهن ته صدر حقيقتن کي نظر ۾ رکندي اسٽيٽ لائيف انشورنس جي اپيل کي رد ڪري ڇڏيو آهي.