اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٽي وي ڏسان ٿو ته مون کي ??وستن جي سخت ڳالهه ٻولهه ٻڌ?? مايوسي ٿئي ٿي جيڪي هڪ ٻئي جي اندر رڳو عيب ۽ گندگي ڳولين ٿا، ج??ڙو?? ٻين تي گند اڇلڻ ئي ڇوٽڪاري جو مختصر ترين رستو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته ان صورتحال ۾ مون کي ??مس تبريز جي ياد اچي ٿي جنهن چيو: ”اصل گندگي اندر جي گندگي آهي. سطحي آلودگي آساني سان ڌوپجي وڃي ٿي. پر جنهن کي ??فاف پاڻي سان به صاف نه ٿو ڪري سگهجي اهي آهن نفرت ۽ تعصب جيڪي روح کي گهٽيا بڻائين ٿا. اسان پنهنجي جسم کي پرهيزگاري ۽ روزي سان پاڪ ته ڪري سگه??ن ٿا، پر رڳو محبت ۽ درگذر ئي اسان جي دلين کي پاڪ ڪري سگهن ٿا.“ صدر عارف علوي چيو ته الله کان دعا آهي ته هو اسان جي ان ڪم ۾ مدد ڪري.