اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان چيو آهي ته ميڊيا جي ترقي ح??وم?? جي اولين ترجيح آهي، اسان کي ميڊيا انڊسٽري کي درپيش مسئلن جو چڱي ريت ادراڪ آهي، انهن مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. اها ڳالهه ه?? سي پي اين اي جي باني صدر خوشنود علي خان جي سربراهي ۾ ملاقات لاءِ آيل وفد سان ڳالهائيندي چئي. وفد سهيل علي خان کي اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي ??اءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سي پي اين اي اسلام آباد جي ڪنوينر ممتاز حسين ڀٽي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري کي ميڊيا انڊسٽري کي درپيش مسئلن جي حوالي سان ٻڌايو ته گذريل 5 سالن دوران تمام گهڻي مهانگائي جي ڪري ميڊيا انڊسٽر?? شديد بحران جو شڪار آهي، ميديا انڊسٽري کي بحران مان ڪڍڻ جي ??اءِ ح??وم?? سرڪاري اشتهارن جي ڪاٿي ۽ ريٽس ۾ مهانگائي جي شرح کي نظر ۾ رکندي مناسب اضافو ڪري. وفد ان ڳالهه جي ??شاندهي ڪئي ته عمران خان ح??وم?? دور جي سينٽرلائيزڊ ميڊيا پاليسي جي ڪري سرڪاري ادارن نه رڳو پنهنجي ??بلسٽي بجيٽ ک?? گهٽ ڪيو پر پاڪستان ۾ اسلام ۽ ملڪ جي حوالي سان ملهائجندڙ ڏهاڙن جي ??وقعي تي نوجوان نسل کي اسلام ۽ پاڪستانيت کان روشناس ڪرائڻ جي ??اءِ قومي وحدت جي ??اءِ ميڊيا تي پيغامن، تقريري ۽ لکت وارن مقابلن جو رجحان پڻ گهٽ ٿيو آهي جنهن جي ڪري قومي وحدت کي نقصان پهچي رهيو آهي. وفد چيو ته ان آمراڻي پاليسي جي ڪري ڪجهه ادارن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ بدران سڌوسنئون ميڊيا اشتهار جاري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. ان صورتحال تي ضابطو نه آندو ويو ته رياست پاڪستان ک?? شديد نقصان ٿيندو. وڌيڪ اهو ته سي پي اين اي چاهي ٿي ته اشتهارن جي ??رڇ کي منصفاڻو بڻايو وڃي جنهن تي اطلاعات واري سيڪريٽري سهيل علي خان چيو ته ح??وم?? آزاد ميڊيا جي ترقي تي نه رڳو يقين رکي ٿي پر سمورين مالي مشڪلاتن جي باوجود ان جي ??اءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي سربراهي ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ح??وم?? ۽ ميڊيا جي ??چ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندي رهندي. ميڊيا انڊسٽري کي بحران مان ڪڍڻ جي ??اءِ اشتهارن جي ڪاٿي ۽ اگهن ۾ اضافي جي ??اءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. ان موقعي تي روزاني دن جي ايڊيٽر ممتاز حسين ڀٽي ۽ روزاني صدائي سچ جي ايڊيٽر سيد تبسم عباس شاهه تي ٻڌل ٻه رڪني ڪميٽي ٺاهي وئي جيڪا پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن ۽ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي ??اڳاپيل عملدارن سان گڏجي اخبارن کي درپيش مسئلن جي ازالي جي ??اءِ ڪم ڪندي. وفد جي ??يمبرن ۾ ڪنوينر اسلام آباد ممتاز حسين ڀٽي (ايڊيٽر روزاني دن)، سيد تبسم عباس شاهه (ايڊيٽر روزاني صدائي سچ)، عقيل ترين (ايڊيٽر روزاني غزنوي)، زاهد فاروق ملڪ (ايڊيٽر روزاني ميٽرو واچ)، حسن وقار تراب (ايڊيٽر روزاني جهان)، جعفر علي بلتي (ايڊيٽر روزاني سلام گلگت)، ظهير بخاري (ايڊيٽر روزاني انڪشاف)، رائو احسان (روزاني سرمايه)، شمشاد مانگٽ (روزاني زور آور) ۽ اويس قاضي (ايڊيٽر روزاني سن نيوز) شامل هئا.