اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قو??ي اقتصادي ڪا??ونسل پنهنجي ڊگهي اجلاس ۾ معاشي خودانحصاري ۽ افرادي قوت جي ترقي جي قدمن جي ذريعي پائيدار معاشي ترقي ۽ ملڪي خوشحالي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهم فيصلا ڪيا، انهن هدفن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پيداوار ۽ ڪا??ڪردگي ۾ اضافي، جدت، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ مستقبل ??ي ٽيڪنالاجي تي محنت ڪئي ويندي. پنهن??ي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان پنهنجون سموريون توانائيون سيڙپڪاري ۾ سهولت، روانگي واپار ۾ اضافي، معاشي ترقي ۽ غ??بت ۾ گهٽتائي تي استعمال ڪنداسين. قو??ي اقتصادي ڪا??ونسل معاشي ترقي جا هدف ۽ مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ ترقياتي بجيٽ ۽ ”پاڪستان اڪنامڪ آئوٽ – لُڪ 2035ع“ جي اصولي منظوري پڻ ڏني.