اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاهور ۾ ٻوڏ واري صورتحال ۽ شهر??ن جي پريشان??ن جو نوٽيس وٺندي صوبائي حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا کي پاڻي نيڪال ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪ??ي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم برسات واري صورتحال ۾ سمورن لاڳاپيل ادارن جي ٽيمن کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت ڪ??ي آهي. هن هدايت ڪئي ته شهرين کي تڪليف ۽ پريشاني کان بچائڻ جي لاءِ ڪا سستي نه ڏيکاري وڃي، برساتي صورتحال جي ڏس ۾ مسلس?? مانيٽرنگ ۽ انتظامي قدمن کي يقيني بڻايو وڃي ۽ 24 ڪلاڪن جي بنياد تي پاڻي کي نيڪال ڪرڻ جا انتظام ڪيا وڃن. وزيراعظم برسات ۽ ٻوڏ واري صورتحال جي ڏس ۾ ٽريفڪ جي روان?? ۽ ??تبادل رستن جي وقت سر نشاندهي يقيني بڻائڻ ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ حفاظتي ۽ اڳواٽ انتظامن جي پڻ هدايت ڪئي ۽ چيو ته صوبائي حڪومتون ۽ ضلعي انتظاميا هڪ ٻئي سان سهڪار ڪري شهرين کي پريشاني کان بچائن.