اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وطن ج?? لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي شهيد?? کي خر??ج عقيدت پيش ڪندي قوم پاران انهن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار هن ??اڪ فوج جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي ايثار جي جذبي تي انه?? کي سلام پيش ڪيو. صدر شهيدن جي وطن ج?? لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي خر??ج عقيدت پيش ڪيو. صدر 9 جون تي ميران شاهه ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن جي وارثن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر صوبيدار اصغر، سپاهي نسيم شهيد ۽ محمد زمان شهيد جي پونئيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر 31 مئي تي حيدر خيل ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي ثاقب الرحمان جي وارثن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر قوم پاران شهيدن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي درجن جي بلند?? لاءِ پڻ دعا ڪئي. هن پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار ۽ انهن ج?? لاءِ صبر جي دعا ڪئي.