اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي جي اثاثن کي نيلام ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو، اسان اقتدار ۾ اچي قومي اثاثن کي عوام جي ??اءِ استعمال ڪيو، انهن کي نيلام نه ڪيو، اڳوڻو اطلاعات وارو وزير هر شيءَ کي وڪڻي ڇڏيو جي ??اليسي کڻي آيو هو، اسان پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان کي ۾ معاشي بحالي جو منصوبو شروع ڪيو، پي ٽي وي هلندڙ سال رڪارڊ 5.5 ارب رپين جو رڪارڊ منافعو ڪمايو، پي ٽي وي پشاور، ملتان ۽ ڪر??چي تان علائقائي زبانن جي ??شريات 24 ڪلاڪ شروع ڪري ڇڏي آهي، ريڊيو پاڪستان ۾ 12 نوان اسٽوڊيوز قائم ڪيا آهن، ريڊيو پاڪستان جي عمارتن جي حدن ۾ عوام کي سستي تفريح جي ??راهمي لاءِ نوان ??ئن??ما هائوسز ٺاهيا پيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرپرسن جويريه ظفر آهير ڪئي. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ??يمبرن کانسواءِ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن، ڊي جي ??يمرا سميت اطلاعات واري وزارت جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري وفا??ي وزير چيو ته اڳوڻي حڪومت 2018ع ۾ ريڊيو ۽ پي ٽي پي کي پرائيويٽ ڪرڻ جي ??اءِ ان جي اثاثن کي نيلام ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو هو، اسان انهن ادارن ۾ معاشي بحالي جي ??نصوبي جي شروعات ڪئي. هلندڙ سال پي ٽي وي 5.5 ارب رپين جو رڪارڊ منافعو حاصل ڪيو، پي ٽي وي جي ان آمدني جي ڏس ۾ اسان سمورن ڪانٽريڪٽ ملازمن کي ريگيولر ڪيو. هن چيو ته پي ٽي وي پشاور سينٽر تان علائقائي زبانن جي ??شريات کي 24 ڪلاڪ ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي طرح پي ٽي وي لاهور جي سمورن اسٽوڊيوز کي اپ گريڊ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پي ٽي وي ورچوئل جو اسلام آباد سينٽر ۾ اسٽوڊيو قائم ڪيو ويو آهي جڏهن ته ملتان ۾ سرائيڪي زبان ۾ نشريات کي 24 ڪلاڪ شروع ڪيو آهي. هن چيو ته پي ٽي وي پشاور سينٽر تان پشتو زبان جي ??شريات جو وقت 24 ڪلاڪ ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح سنڌي زبان ۾ نشريات پي ٽي وي ڪر??چي تان 24 ڪلاڪ نشر ڪئي پئي وڃي. اطلاعات واري وفا??ي وزير چيو ته پي ٽي وي اڪيڊمي ۾ پي ٽي وي فلم انسٽيٽيوٽ جي شروعات ڪئي وئي آهي. ان اڪيڊمي ۾ ميڊيا جي ??اڻهن لاءِ ڪورسز شروع ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان ۾ معاشي بحالي جو سفر جاري آهي، ريڊيو پاڪستان لاهور ۽ پشاور جي حدن ۾ ??ئن??ما قائم ڪيون پيُون وڃن جن جي ??يڙهه جو پٿر رکيو ويو آهي. ان کانسواءِ ريڊيو پاڪستان اسلام آباد ۾ 12 نوان اسٽوڊيوز قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته 9 مئي تي ريڊيو پاڪستان پشاور جي عمارت کي ساڙيو ويو، ان جا سمورا آرڪائيوز سڙي ويا هئا، اسان ان عمارت جي بحالي ۽ رنگ روغن جي ??نصوبي جي شروعات ڪئي آهي. ان کانسواءِ ريڊيو پاڪستان جي سمورن آرڪائيوز کي ڊيجيٽلائيز ڪرڻ جو ڪم پڻ شروع ڪيو ويو آهي. فلم پاليسي جو ذڪر ڪندي اطلاعات واري وفا??ي وزير چيو ته حڪومت پهريون ڀيرو 18 – 2017ع ۾ فلم پاليسي جو بنياد رکيو، هن سال بجيٽ ۾ ان پاليسي جي ??اءِ رقم به رکي وئي. هن چيو ته فلم پاليسي ۾ فلم سازن ۽ ٻين ڌرين جي ??اءِ مراعتن جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته فلم واحد صنعت آهي جيڪا ٽيڪس فري آهي. فلم پاليسي تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان جو ويزن رڳو فلم کي سگهه ڏيڻ نه پر اسڪرين ٽوئرازم جي ذريعي ملڪ جي بيانيي ۽ تشخص کي به اجاگر ڪرڻ آهي. هن چيو ته فلم جي شعبي کي انڊسٽري جو درجو ڏنو ويو آهي ته جيئن نوجوان ان شعبي جو حصو بڻجي سگهن. اطلاعات واري وفا??ي وزير چيو ته فنڪارن ۽ صحافين جي ??اءِ هيلٿ انشورنس جي ??ڻ شروعات ڪئي پئي وڃي. وفاقي بجيٽ 24 – 2023ع ۾ پهريون ڀيرو فلم فنانس فنڊ ۽ فنڪارن جي ??يلٿ انشورنس جي ??اءِ مجموعي طور تي 3 ارب رپين جا فنڊز رکيا ويا آهن. هن چيو ته گذريل 14 مهينن دوران ڏينهن رات محنت ڪري انهن منصوبن کي پڄاڻي تائين پهچايو. اسان اقتدار ۾ اچي قومي اثاثن کي عوام جي ??اءِ استعمال ڪيو، انهن اثاثن کي نيلام ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي جڏهن ته اڳوڻو اطلاعات وارو وزير هر شيءَ کي وڪڻي ڇڏيو جي ??اليسي کڻي آيو هو. هن چيو ته اڄ قومي نشرياتي ادارا بهتر طريقي سان عوام کي اطلاعات جي ??راهمي ۾ پنهنجو ڪر??ار ادا ڪري رهيا آهن.