اسلام آب??د – 11 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اقليتن جي مذهبي، سماجي، سياسي ۽ معاشي حقن جي ت??فظ جي لاءِ اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪندي چي?? آهي ته آئين سمورن شهرين جي مذهبي عقيدي يا نسل کان قطعي طور سياسي، معاشي ۽ سماجي حقن جي ضمانت ڏي ٿو، پاڪستان اقليتن جي حقن جي ت??فظ ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندو رهندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار اقليتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چي?? ته ملڪي ت??قي ۾اقليتن جي ڪردار جو اعتراف ڪ??يون ٿا ۽ انهن کي ان تي ساراهيون ٿا. صدر اقليتن جي ڏينهن تي قوم جي ت??مير جي عمل ۾ اقليتن جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي چي?? ته اسلام اسان کي اقليتن جي حقن جي ت??فظ ۽ سمورن ماڻهن جي وچ ۾ برابري جو درس ڏي ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته پاڪستان اقليتن جي ڀلائي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪيون آهن، انهن قدمن جو مقصد ملڪ جي سياسي ۽ اقتصادي ت??قي ۾ اقليتن جي فعال شرڪت جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي. صدر چي?? ته پاڪستان اقليتن جي حقن جي ت??فظ ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندو رهندو، مذهبي اسڪالرز ۽ ميڊيا کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي معاشري کي اقليتن جي حقن بابت آگاهه ڪن، ملڪ ۾ محبت، رواداري، ڀائيچاري ۽ اتحاد جي ڪلچر کي فروغ ڏين. صدر ان يقين جو اظهار ڪيو ته اقليتون قومي ت??قي جي عمل ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪنديون رهنديون.