اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته گلگت بلتستان جي شاگردن، شاگردياڻ??ن ۽ استادن سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه دوران انهن جو ٽيلينٽ ۽ محنت ڏسي تمام ??هڻي خوشي ٿي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ گلگت بلتستان ۾ مصروف ڏينهن گذاريو، گلگت پهچڻ کانپوءِ سڀ کان پهرين يادگار شهداءِ تي حاضري ڀري، گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه ۽ وڏي وزير گلبر خان سان ملاقات ٿي، وڏي وزير گلگت بلتستان جي عوام پاران روايتي چادر ۽ ٽوپي جو تحفو ڏنو. هن چيو ته گلگت بلتستان جي شاگردن، شاگردياڻ??ن ۽ استادن سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه دوران انهن جو ٽيلينٽ ۽ محنت ڏسي تمام ??هڻي خوشي ٿي، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن سان ملاقات ۾ گلگت بلتستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن ب??بت اڳڀرائي کان آ????هي ٿي.