اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 22 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو، 18 کان 23 سيپٽمبر تائين نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي اعليٰ سطحي مباحثي ۾ شرڪت ڪندو، نگ??ان پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني پڻ نگ??ان وزيراعظم سان گڏ هوندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته نگ??ان وزيراعظم 22 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو، هو ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار سميت ڳڻتي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي موقف جو خاڪو پيش ڪندو جيڪو گڏيل قومن جي ايجنڊا تي ڊگهي عرصي کان حل طلب مسئلن مان هڪ آهي. ترجمان چيو ته نگ??ان وزيراعظم پاڪستان جي معاشي بحالي کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ نگ??ان حڪومت پاران ک??يل اهم قدمن ۽ ملڪي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ جي ڪوششن بابت تفصيل سان ٻڌائيندو. هن چيو ته نگ??ان وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اهتمام هيٺ پائيدار ترقي جي هدفن ۽ ٻين اعليٰ سطحي اجلاسن ۾ پڻ شرڪت ڪندو، هو ڪورونا وبا، جاگرافيائي سياسي ڇٽاڀيٽي ۽ موسمياتي تبديلي جي ڏس ۾ گلوبل سائوٿ کي درپيش سڀ کان اهم معاشي ۽ ترقي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي سطح تي گهربل موثر قدمن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ جي لاءِ قدر جوڳا پليٽ فارمز مهيا ڪندو. ترجمان چيو ته نگ??ان وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي مختلف ملڪن جي هم منصبن سان گڏوگڏ عالمي ت??ظي??ن جي سربراهن، فلاحي ت??ظي??ن ۽ ڪارپوريٽ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. نگ??ان وزيراعظم سائيڊ لائينز تي منعقد ٿيندڙ مختلف سرگرمين دوران يو اين جي اي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ٻين ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن سان مُلاقاتن جي موقعي مان به فائدو کڻندو. نگ??ان وزيراعظم عالمي ميڊيا سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن ک?? قومي رياستن جي سڀ کان نمائنده ۽ ٺوس فورم طور ڏسي ٿو، جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ نگ??ان وزيراعظم جي شرڪت گهڻ رخي جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو مظهر آهي، گڏيل قومون امن ۽ خوشحالي جي فروغ لاءِ عالمي معاملن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.