اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن کي وطن جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر 6 سيپٽمبر تي اوستئي پوسٽ ڪالاش ايريا ۽ جنگريٽ ڪوهه چترال ۾ حملي ۾ شهيد ٿي??دڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ٽيليفون تي ت??زي?? جو اظهار ڪندي ملڪ جي لاءِ قرباني تي شهيدن ۽ انهن جي خان??ان?? جا قوم پاران ٿورا مڃيا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي لانس نائيڪ ذوالفقار علي ۽ سپ??هي شهزاده اورنگزيب جي وارثن سان ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي لانس نائيڪ شير نواز ۽ لانس نائيڪ شاڪرالله جي پونئيرن ??ان پڻ رابطو ڪيو. صدر شهيدن جي پونئيرن ??ان همدردي جو اظهار ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي جي دعا ڪئي ۽ ملڪ جي لاءِ انهن جي خدمتن کي ساراهيو.