ڪوئيٽا-19 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وز??ر مدد علي سنڌي چيو آهي ته ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ بلوچستان جا ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، 50 سالن جا مسئلا هڪ ڏينهن ۾ حل نٿا ٿي سگهن، پر وفاقي حڪومت صوبي ۾ معياري تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ??ر مم??ن قدم کڻندي. اها ڳالهه هن سردار بهادر خان ويمن يونيورسٽي ۾ شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. نگران وفاقي وز??ر مدد علي سنڌي چيو ته اسان بلوچستان جي شاگردن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ??تي آيا آهيون، ماضي جي حڪومتن تعليم تي وڌيڪ ڌيان نه ڏنو ۽ نه ئي ان لاءِ ??ڌيڪ فنڊ رکيا ويا. اسان جي ڪوشش آهي ته بلوچستان جي تعليمي ادارن جا مسئلا سنجيدگي سان حل ڪريون، هن وقت بلوچستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، جيتوڻيڪ ارڙهين ترميم کانپوءِ تعليم جو شعبو صوبن وٽ هليو ويو آهي پر ان باوجود وفاقي حڪومت صوبي ۾ معياري تعليم کي هٿي ڏيڻ کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي. هن چيو ته اسان وچن ڪريون ٿا ته سمورن صوبن لاءِ ??ڪ اهڙي تعليمي پاليسي بڻايون جيڪا ايندڙ حڪومتن لاءِ ??شعل راهه هجي، هن چيو ته 50 سالن جا مسئلا هڪ ڏينهن ۾ حل نٿا ٿي سگهن پر ان ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي، جيستائين شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تعليم جا معياري موقعا فراهم نٿا ڪيا وڃن انهن لاءِ عملي ميدان ۾ ڪم ڪرڻ مشڪل هوندو، هن چيو ته صوبي ۾ تعليم کي وڌ کان و?? هٿي ڏيڻ لاءِ ??فاقي حڪومت هر مم??ن تعاون فراهم ڪندي. هن چيو ته سردار بهادر خان ويمن يونيورسٽي جي خضدار ۽ پشين ڪيمپس لاءِ 50 ڪروڙ روپيا جاري ڪيا ويا آهن جنهن سان يونيورسٽي ۾ معياري تعليم ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، تقريب جي آخر ۾ وفاقي وز??ر شاگردياڻين ۾ ليپ ٽاپ ورهايا.