اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي)تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي پاڪستان ۾ فن لينڊ جي سفير هنوريپاٽي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. وفاقي وزير وفد جي آجيان ڪن??ي چيو ته ٻ??هي ملڪن وچ ۾ ووڪيشنل ۽ ٽيڪنيڪل ٽريننگ جي حوالي سان مهارت ۽ علم جي ڏي وٺ پاڪستان ۾ موجوده ادارن کي اپ گريڊ ڪري سگهي ٿو. وفاقي وزير ۽ سفير نيشنل اسڪلز يونيورسٽي ۾ هڪ سينٽر آف ايڪسيلينس جي قيام تي اصولي طور تي اتفاق ڪيو جيڪو فن لينڊ جي ٽو??ڪو ميونسپلٽي جي مدد سان ڪنسٽرڪشن، آءِ ٽي، ٽيچرز ٽريننگ ۽ انجنيئرنگ اسٽڊيز کان علاوه هوٽل ۽ ريسٽورينٽ انڊسٽريءَ تي ڌيان ڏيندو. اهڙيءَ طرح فن لينڊ جي ٽو??ڪو ميونسپلٽي جي سهڪار سان پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ٽو??ر ارزم اينڊ هوٽل مئنجمينٽ ۾ هڪ سينٽر آف ايڪسيلينس قائم ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته غير رسمي تعليم جي شعبي ۾ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي، اسلام آباد پاڪستاني نوجوانن کي فني مهارتون فراهم ڪري ره?? آهي جنهن کي موجوده ۽ پرڏيهه ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ خواهشمند پاڪستاني نوجوانن لاءِ اسڪلر لرننگ سينٽر طور تي وڌائي سگهجي ٿو. سفير وفاقي وزير کي فن لينڊ ۽ پاڪستان حڪومت وچ ۾ جاري تعاون جي باري ۾ ٻُڌايو ته هو پ??ري??ن ئي نيوٽيڪ ۽ نسٽ ۾ پيشوراڻي تربيت فراهم ڪري ره??ا آهن. سفير وفاقي وزير کي ٻُڌايو ته فن لينڊ جون 2 يونيورسٽيون پهرين ئي انهن ادارن کي فني ۽ انساني مهارت فراهم ڪري ره?? آهي. هن وفاقي وزير کي ٻُڌايو ته تقريبن 500 ماڻهو اڳ ئي تربيت حاصل ڪري ره??ا آهن. هن ٻُڌايو ته فن لينڊ جي حڪومت جي مدد سان نيو ٽيڪ اڳ ئي هوٽل ۽ ريسٽورينٽ مئنجمينٽ نگرانيءَ هيٺ هڪ سال ڊپلوما ڪورس کي 3 ساله ڪورس تائين وڌائي ڇڏيو آهي.