اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته موجوده حڪومت جي دور ۾ انتظامي قدمن جي ??ري ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جي قدر ۾ به??ري آئي، آءِ ايم ايف کان ٻي قسط ??لڻ سان رپئي جي قدر ۽ ادائيگين جي توازن جي صورتحال مستحڪم ٿي??دي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جي ملڪ ۾ رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ۽ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي کوٽ جي نتيجي ۾ ناڻي واڌ ۾ اضافي ۽ عوام کي درپيش م??لي مشڪلاتن کي بحث هيٺ آڻڻ جي رٿ تي بحث سهيڙيندي نگران وفاقي وزير چيو ته فارن ڪرنسي جي اگهن جو دارومدار طلب ۽ پهچ تي آهي، نگران حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ رپئي تي دٻاءُ هو، موجوده حڪومت ڪجهه انتظامي قدم کنيا، پشاور، ڪراچي سميت ٻين شهرن ۾ هُنڊي حوالا جي غيرقانوني ڪاروبار تي ضابطو آندو ويو. هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان خاص طور تي ڪرنسي ايڪسچينج ڪمپنين ۾ ڍانچاجاتي سڌارا ??ري رهيو آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جو جائزو مڪمل ٿي ويو آهي، قرض جي ٻي قسط ??لڻ سان رپئي جي قدر ۾ به??ري ايندي ۽ ادائيگين جي توازن جي صورتحال پڻ مستحڪم ٿي??دي.