اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پشاور ۾ وارسڪ روڊ تي ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي واقعي جي جاچ جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته دهشتگردن جي پاڪستان جي امن تباهه ڪرڻ جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، مل?? مان دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي تائين جنگ جار?? رکنداسين. هن يقين ڏياريو ته واقعي جي ذميوارن جي جلد کان جلد نشاندهي ڪري انهن کي سزا ڏياري ويندي. نگران وزيراعظم ڌما??ي ۾ زخمي ٿيندڙ ٻارن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.