راولپنڊي-25 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي ??ربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته اسلام اسان کي امن ۽ دوستي جو سبق سِيکاري ٿو، اسلام بين المذاهب هم آهنگي جي ??وصله افزائي ڪري ٿو جيڪو وقت جي ??هم ضرورت آهي، درپيش چئلينجن ۽ مسئلن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ بيان بازي ۽ پروپيگنڊا جي نفي ڪرڻي پوندي، قومي مسئلن جي ??اري ۾ صحيح نقطه نظر، سچائي ۽ علم تي ٻَڌل رايا رکڻ جي ??رورت آهي، پاڪستان جا دشمن مذهبي، نسلي ۽ سياسي ڪمزورين کي استعمال ڪندي ڏار وِجهڻ ۾ رُڌل آهن، اسان کي هڪ پُرعزم ۽ مضبوط قوم طور مٿي اچڻ لاءِ متحد ۽ هڪ ٿيڻو پوندو. آءِ ايس پي آر مطابق هو ڪرائسٽ چرچ ۾ مسيحي برادريءَ جي ??قريب کي خطاب ڪري رهيو هو. چرچ انتظاميه آرمي چيف جي ??جيان ڪئي ۽ ڏهاڙي ۾ شرڪت تي سندس شڪريو ادا ڪيو. ان موقعي تي آرمي چيف پاڪستان ۾ رهندڙ سموري مسيحي برادري کي ڪرسمس جون واڌايون ڏيندي مسيحي برادريءَ لاءِ احترام جو اظهار ڪيو. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پنهنجي ??طاب ۾ چيو ته پاڪستان جا دشمن مذهبي، نسلي ۽ سياسي ڪمزورين کي استعمال ڪندي ڏار وِجهڻ ۾ رڌل آهن، اسان کي هڪ پُرعزم ۽ مضبوط قوم طور تي مٿي اچڻ لاءِ متحد ۽ هڪ ٿيڻو پوندو. آرمي چيف متحد ۽ ترقي پسند پاڪستان لاءِ قائد جي ??قيقي ويزن تي عمل ڪرڻ ۽ معاشري ۾ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ڀرڻ تي زور ڀريو. ان موقعي تي آرمي چيف قائداعظم جي 147هين يومِ پيدائش تي ان جي ??ظيم ويزن ۽ قيادت کي شاندار خراجِ عقيدت پيش ڪيو. آرمي چيف 11 آگسٽ 1947ع تي دستور ساز اسيمبلي کي خطاب دوران قائد جي ??اريخي جملن جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته قائداعظم فرمايو ته او??ان آزاد آهيو، او??ان پنهنجي مندرن ۾ وڃڻ لاءِ آزاد آهيو. قائداعظم فرمايو ته او??ان ان رياست پاڪيتان ۾ پنهنجين مسجدن ۽ ٻين عبادرگاهن ۾ وڃڻ لاءِ آزاد آهيو. آرمي چيف سمورن شعبن ۽ ڊومينز ۾ پاڪستان جي پوري مسيحي برادري جي ??دمتن ۽ قربانين جو به اعتراف ڪيو.