اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪ??مير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت ج??ري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته 5 جنوري ڄمون ۽ ڪ??مير جي عوام جي خودمختياري جي ڏينهن طور ملهايو ويو. 1949ع ۾ ان ڏينهن گڏيل ??ومن جي هندستان ۽ پاڪستان بابت ڪميشن (يو اين سي آئي پي) ان ڳالهه جي ضمانت ڏني هئي ته ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ آزاداڻو ۽ منصفاڻو ريفرنڊم ڪرايو ويندو ته جيئن ڪشميري عوام پنهنجي خودمختياري جو حق استعمال ڪري سگهي. ترجمان چيو ته خودمختياري جو حق عالمي قانون جو هڪ بنيادي اصول آهي، هر سال گڏيل ??ومن جي جنرل اسيمبلي هڪ قرارداد منظور ڪري ٿي جيڪا ماڻهن کي پنهنجي تقدير پاڻ طئي ڪرڻ جڪي قانوني حق جي توثيق ڪري ٿي، اهو غيرملڪي قبضي تحت ماڻهن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ غيرواضح حمايت جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته ڀارت 70 سال کان وڌيڪ عرصي کان ڪشميرين کي انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کان محروم رکيو آهي. ترجمان ڀارت تي زور ڏنو ته هو پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير جي عوام جي حقن ۽ آزادي جو احترام ڪري ته جيئن ڪشميري عوام گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ??راردادن موجب پنهنجي خودمختياري جو هق استعمال ڪري سگهي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪ??مير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت ج??ري رکندو.