لاهور -08 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان انٽرنيٽ ۽ م??بائيل سروس جي بندش خلاف اليڪشن ڪميشن لاهور ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي. ان موقعي تي شيري رحمان ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي جا وڪيل ان معاملي تي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ به پٽيشن داخل ڪرائيند??. ه?? چيو ته چونڊن واري ڏينهن انٽرنيٽ ۽ م??بائيل نيٽ ورڪ جي بندش تي ڳڻتي آهي، چونڊن واري ڏينهن موبائيل ۽ انٽرنيٽ بند ڪرڻ نامناسب آهي. هن چيو ته چونڊن واري ڏينهن عوام پنهنجي عزيزن ۽ رشتيدارن سان رابطي کانسواءِ پارٽي ۽ اميدوار کي پولنگ ايجنٽن سان رابطو رک??و هوندو آهي، جيڪڏهن انٽرنيٽ ۽ م??بائيل سروس بند هوندي ته پولنگ ايجنٽس پنهنجون شڪايتون اسان تائين ڪيئن پهچائيند??. ه?? چيو ته اسان جو سڄو ڪميونيڪيشن جو نظام انٽرنيٽ تي آهي، تنهن ڪري اسان جي گذارش آهي ته اليڪشن ڪميشن فوري انٽرنيٽ سروس ۽ م??بائيل نيٽ ورڪ بحال ڪرائي، امجد حسين ايڊووڪيٽ ۽ م????ئي??ه رضا به ان موقعي تي ساڻس گڏ هئا.