اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وز??ر مرتضيٰ سولنگي جي ايوان جي ڪارروائي ۾ حصو وٺڻ ۽ ان جي دلچسپي کي ساراهيو آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وز??ر مرتضيٰ سولنگي ايوان ۾ ڳالهائيندي چيو ته سڀاڻي وزيراعظم جي چونڊ ٿيڻي آهي جنهن کانپوءِ ڪميٽين ??ي نئين ??وڙجڪ ٿيندي، ان لاءِ سوالن جوابن جي وقفي کي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪيو وڃي. ان موقعي تي سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي چيو ته توهان پ??هنجي وزارت جي عرصي دوران ايوان جي ڪارروائي ۾ ڀرپور حصو ورتو جنهن تي توهان جا ٿورائتا آهيون.