اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ها??گائي ۾ گهٽتائي کي عوام جي لاءِ سٺي خبر قرار ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته صوبائي حڪومتون پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ کاڌي پيتي ??ي شين جي سرڪاري اگهن تي ??ملدرآمد يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ??ها??گائي ۾ گهٽتائي کي عوام جي لاءِ سٺي خبر قرار ڏنو. هن چيو ته ٻن سالن ۾ ??ها??گائي جو گهٽ ترين سط?? تي اچڻ معاشي بهترين جا آثار آهن، ??ها??گائي جي شرح 39 سيڪڙو کان اڳ 20 سيڪڙو ۽ هاڻي 17 سيڪڙو تي ??چي وئي آهي، 16 مهينن ۾ جيڪا محنت نگران حڪومت ڪئي ان کي جاري رکيو، هي انهي جا ثمر آهن، ??ها??گائي ۾ گهٽتائي اولين هدف آهي، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان معاشي سرگرمين ۾ تيزي سان عوام کي و??يڪ ريليف ملندو، پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي سان به عوام کي ريليف ملندو، عالمي منڊيءَ ۾ تيل جون قيمتون هيٺ آيون آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته صوبائي حڪومتون پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ کاڌي پيتي ??ي شين جي سرڪاري اگهن تي ??ملدرآمد يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ جي فضل سان انهي رخ ۾ هلڻ سان عوام جي زندگين ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته عوام کي جلد کان جلد وڌ کان وڌ ريليف ملي سگهي.